English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي انتظامن بابت اجلاس
46 views
|
13th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، اي سيز ۽ ٻيا عملدار شريڪ
سجاول(رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ڊي سي ڪامپليڪس سجاول ۾ 2 آڪٽوبر 2023 کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف مهم جي تيارين ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي، ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، پي پي ايڇ آءِ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ پوليو مهم دوران سمورا وسيلا ڪتب آڻي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مهم دوران مقامي اين جي اوز ۽ يوسي سيڪريٽرين کان پڻ مدد ورتي وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙن کي پوليو جهڙي خطرناڪ موذي مرض کان بچائي سگهجي. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پوليو ٽيمن جي مدد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سڄي ضلعي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي. ڊپٽي ڪمشنر عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي ته هو سندن علائقن ۾ ايندڙ پوليو ٽيمن سان سھڪار ڪندي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ته جيئن کين مستقل معذوري کان بچائي سگهجي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عرفان مهر ٻڌايو ته مهم دوران پنجن سالن تائين عمر جي ھڪ لک 79 هزار 228 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ 4 ضلعي سپروائيزر، 5 تعلقي سپروائيزر، 41 يو سي ايم اوز، 140 ايريا انچارجز، 546 گشتي ٽيمون، 47 فڪسڊ ۽ 33 ٽرانزٽ پوائنٽس مقرر ڪيون ويون آهن تہ جيئن مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
sajawal
DC
AC
SSP
0 تبصرے