English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھوڙاٻاري ويجھو نصير واھ شاخ ۾ پاڻي جي اڻھوند خلاف احتجاجي مظاھرو
145 views
|
15th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
آبادگارن ۽ ھارين پاران پاڻي کوٽ ۽ فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو
ٺٽو( ڊ ر) گھوڙاٻاري جي نصير واھ شاخ جي زميندارن، آبادگارن ۽ سوين ڳوٺاڻن علائقي ۾ 2017ع کان پاڻي نہ پھچڻ ڪري زمينون بنجر ٿيڻ توڙي فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿيڻ خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي زوردار نعريبازي ڪندي جلد نصير واھ شاخ ۾ پاڻي جي فراھمي کي يقيني بنائڻ جي گھر ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ سامونڊي پٽي جي تعلقي گھوڙاٻاري جي ديھ سمڪي، مڙھي جي ڪيترن ئي آبادگارن محمد شريف چاڙو، الھڏنو چاڙو، ڪرم علي چاڙو، گل حسن ماڃريو، عباس ڄاموٽ، الھڏنو شاھ، مير جلباڻي، ارباب مبارڪ سمون، عرس ماڃريو، محمد بخش جاڙو، شبير احمد جاڙو، الھڏنو ڀٽي، يوسف ڀٽي، نور حسن سمون، ڊاڪٽر مظھر سومرو جي اڳواڻي ۾ ٺٽص ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو تہ 2017ع ۾ ڪي بي برانچ پڪو ٿيڻ کانپوءِ سندن علائقي ۾ پاڻي اچڻ بند ٿي ويو آھي، سندن علائقي جي نصير واھ شاخ ۾ پاڻي نہ ھجڻ ڪري ھزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿيڻ سميت سارين جو ٻيجارو بہ پوکي ناھيو سگھيا، جنھن ڪري کين ڪروڙين روپين جو نقصان پھچي رھيو آھي، ھاڻي تہ پيئڻ لاءِ بہ پاڻي ميسر ناھي، جر کارو ٿي ويو آھي، پاڻي نہ ھجڻ ڪري انساني آبادي سميت آب جيوت خطري ۾ اچي ويئي آھي. ھنن چيو تہ ڪيترائي ڀيرا پاڻي جي کوٽ بابت اعليٰ اختيارين کي آگاھي ڏني آھي پر ڪوبہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ ڪري ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن مطالبو ڪيو تہ نصير واھ شاخ ۾ جلد پاڻي جي فراھمي کي يقيني بنائي کين پريشانين کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Thatto
0 تبصرے