English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران مڪلي کان ٺٽي تائين مارچ ۽ ڌرڻو
views
|
17th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي زمينن تي والار، ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري خلاف ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو( ڊر ) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن، پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن، وسيلن جي نيلامي، ڦر لٽ، مھانگائي، رياستي سردارن جي سرپرستي ۾ قائم ٿيل ڌاڙيل راڄ ۽ غير قانوني ڊجيٽل آدمشماري خلاف ھڪ احتجاجي وڏي ريلي پبلڪ پارڪ مڪلي کان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن لال جروار، سلمي لاشاري، نور احمد ڪاتيار، ڏاڏا قادر رانٽو، شاھ محمد چانگ، مٺا خان لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، جيڪا مڪلي کان ٿيندي ٺٽي شهر پھتي، جتي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جيڪا ريلي ھڪ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي، جنھن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار. مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، گهنور خان زئور، شاھ محمد چانگ، مٺا خان لاشاري، سلميٰ لاشاري، انور پالاري ۽ ٻين چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جو گهيراءِ ڪيو ويو آهي، جهمپير، ڪينجهر، ڪوهستان، هاليجي تي قبضا ڪيا ويا آهن. هڪ طرف ڌارين کي هڪ رٿابندي تحت زمينون ڏيئي آباد ڪيو پيو وڃي تہ ٻئي طرف زرعي انقلاب جي نالي ۾ 13 لک ايڪڙ زمين ٻين ملڪن کي ڏني ويئي آهي. حڪمرانن ملڪ ۾ معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاء ملڪ جا قومي ادارا ۽ زمينون ٻين ڪمپنين ۽ ملڪن کي وڪرو ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ڀھاني ملڪ کي آء ايم ايف وٽ گروي ڪري مھنگائي جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي، ٺٽي جي پڇڙي وارن علائقن ڳاڙهو، ميرپور ساڪرو، ور، غلام الله، جنگي سر ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي ناهي، آبادگارن قرض کڻي ساريون پوکيون آهن، اهي سڪي سڙي تباھ ٿي ويون آهن. ھنن چيو تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني بدران ڌاڙيلن، سردارن ۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ وارو نظام آهي. سردارن جا پاليل ڌاڙيل سري عام ماڻهو اغوا ڪري وڃن ٿا، انهن کي ڪابه رڪاوٽ ناهي. ڀنگ جا پئسا سردار، پوليس ۽ ڌاڙيل پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري کڻن ٿا. هنن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو آهي جيڪو ملڪي مفادن کي ناقابل تلافي نقصان پھچائيندو. ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
محرم الحرام جي حوالي سان ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عه جون صدائون بلند
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مورو انتظاميا پاران محرم الحرام جي عزاداري جي روٽس جو دورو
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
awami tahreek
sindyani tahreek
sindhyani
0 تبصرے