English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن، لکين روپين جي منشيات ھٿ
226 views
|
21st Sep 2023
•
سنڌي خبرون
گرينڊ آپريشن دوران 60 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي: ايس ايس پي
شڪارپور (احسان ابڙو) بدنام زمانه چڻگي مقام تي منشيات فروشن ۽ انهن جي ٺڪاڻن تي پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل گرينڊ آپريشن. گرينڊ آپريشن دوران 60 لکن جي ماليت جي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي هٿ آيل منشيات ۾ وڏي مقدار ۾ چرس ڀنگ شامل ۽نقلي ڀاڻ جي فيڪٽري مان ڪيميڪل به هٿ ڪيو ويو آهي. گرينڊ آپريشن ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ رينجرز جي ڪرنل جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ آھي تھ آپريشن ۾ اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاه بخاري سميت ايس ڊي اوز ، مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ رينجرز اهلڪارن شرڪت ڪئي. آپريشن دوران چڻگي ۾ بدنام ڏوهاري منشيات فروش قبرستان ۾ قائم منشيات جا اڏا ڊاهي پٽ ڪيا ويا. آپريشن دوران 15 کان وڌيڪ گهرن جي تلاشي ورتي وئي، جنهن دوران 5 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ لاءِ کين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. آپريشن دوران زمين جي اندر لڪايل منشيات هٿ ڪئي وئي. هٿ آيل منشيات ۾ 60 لک رپين کان وڌيڪ جي چرس ۽ ڀنگ شامل آهي. منشيات فروش گذريل ڪيترن ئي سالن کان هن قديم قبرستان تي قبضو ڪري منشيات جو ڪاروبار هلائي رهيا هئا. ڪارروائي دوران جعلي ڀاڻ ٺاهڻ واري فيڪٽري پڪڙيو ويو. جعلي ڀاڻ جي فيڪٽري کي سيل ڪري سامان، پيڪنگ ۽ مشينري ضبط ڪئي وئي آهي. منشيات فروش سماج لاءِ خطرو آهن، انهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو ويندو جيستائين منشيات جو خاتمو نه ٿيندو. فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Shikarpur
0 تبصرے