English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جي صدارت هيٺ اجلاس
278 views
|
19th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ضلعي اندر بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙڻ بابت غور ويچار
سجاول(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي سجاول عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ضلعي اندر بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ايڪسين حيسڪو فريدالدين، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيسڪو اختيارين موجب بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقايا جي وصولي واري مهم کي جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هي هڪ قومي مهم آهي ان ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ڇو ته بجلي چوري جهڙي سنگين ڏوهه ازالو بل ادا ڪندڙ عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن حيسڪو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر جي خاتمي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي غيرقانوني ڪنيڪشن ختم ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ضلعي مان بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪري لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميه هر ممڪن تعاون ڪندي. هُن ضلعي جي عوام کي خبردار ڪيو آھي ته هو ڪنڊا ڪلچر ۽ بجلي چوري کان پاسو ڪن ۽ ھڪ ذميوار شهري هجڻ جي حيثيت ۾ قانوني طريقي سان بجلي جو استعمال ڪن ته جيئن بجلي چوري جو خاتمو آڻي ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي شهلا قريشي چيو ته ضلعي پوليس بجلي چوري جهڙي ناسور تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ واپڊا اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪندي. ايڪسين حيسڪو فريد الدين ٻڌايو ته ضلعي ۾ هن وقت تائين ضلعي ۾ بجلي چورن خلاف 7 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن جڏهن ته بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر جي نشاندهي ڪري مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آھي. هن ٻڌايو ته ضلعي ۾ بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن کان هن وقت تائين اٽڪل 70 لک روپين جي وصولي ڪئي وئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
sajawal
DC
0 تبصرے