English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جي صدارت هيٺ اجلاس
views
|
19th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ضلعي اندر بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙڻ بابت غور ويچار
سجاول(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر و چيئرمين ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي سجاول عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ضلعي اندر بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ايڪسين حيسڪو فريدالدين، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيسڪو اختيارين موجب بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقايا جي وصولي واري مهم کي جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هي هڪ قومي مهم آهي ان ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ڇو ته بجلي چوري جهڙي سنگين ڏوهه ازالو بل ادا ڪندڙ عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن حيسڪو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر جي خاتمي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي غيرقانوني ڪنيڪشن ختم ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ضلعي مان بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪري لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميه هر ممڪن تعاون ڪندي. هُن ضلعي جي عوام کي خبردار ڪيو آھي ته هو ڪنڊا ڪلچر ۽ بجلي چوري کان پاسو ڪن ۽ ھڪ ذميوار شهري هجڻ جي حيثيت ۾ قانوني طريقي سان بجلي جو استعمال ڪن ته جيئن بجلي چوري جو خاتمو آڻي ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي شهلا قريشي چيو ته ضلعي پوليس بجلي چوري جهڙي ناسور تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ واپڊا اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪندي. ايڪسين حيسڪو فريد الدين ٻڌايو ته ضلعي ۾ هن وقت تائين ضلعي ۾ بجلي چورن خلاف 7 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن جڏهن ته بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر جي نشاندهي ڪري مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آھي. هن ٻڌايو ته ضلعي ۾ بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن کان هن وقت تائين اٽڪل 70 لک روپين جي وصولي ڪئي وئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
sajawal
DC
0 تبصرے