English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ کي مھانگائي، غربت، بيرزگاري، بدامني ۽ منشيات جي چڪي ۾ پيسيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
33 views
|
24th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي مھانگائي، غربت، بيرزگاري، بدامني ۽ منشيات جي چڪي ۾ پيسيو پيو وڃي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ جا ماڻهو بدحال، غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سدائين سنڌين جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. سنڌ ۾ ترقي جي رفتار گھٽ آھي۔ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڪمائي سنڌ جي ماڻھن جي ترقي ۽ بنيادي حقن تي خرچ نہ ٿي رھي آھي، غربت جي شرح وڌي وئي آھي۔ معاشي پاليسيون غريب عوام لاء ڪابہ خوشحالي نہ آڻي رھيون آھن. پيپلز پارٽي سنڌ کي سدائين ڪارڊ طور استعمال ڪيو آهي، اقتدار ۽ اچڻ کان پوءِ انتھائي بي رحمي سان سنڌ کي لٽيو ۽ برباد ڪيو آھي سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ڌرتي وسيلن، تعليم، ميريٽ ۽ ماڻھن جي مالڪي لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي شڪست ڏئي سنڌ دوست ماڻهن کي چونڊين .اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌي ماڻھن کي پنھنجا جائز حق ڏنا وڃن روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن ۔ اٽو، چانور، دال ۽ کاڌي پيتي جون شيون ايتريون سستيون ڪيون وڃن جو مزدور، ھاري ۽ غريب ماڻھو آساني سان خريد ڪري سگھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جو ملڪ زرعي ھجڻ باوجود الميو آھي جو غربت ۽ مھانگائي جي ڪري لکين ماڻھو 2 وقت ماني لاء پريشان آھن۔ کاڌي پيتي جا اگھ اميرن جي پھچ وارو نہ ڪيو وڃي، اھو سبسڊي ڏئي ايترو سستو ڪيو وڃي جو ڪنھن ماء جي ٻچن کي بکيو نہ سمھڻو پوي۔ ڪو ٻہ وقت ماني لاء ڪنھن جي اڳيان ھٿ نہ ڦھلائي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ayaz latif palejo
QAT
aoumi awami tahreek
0 تبصرے