English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول جي پيٽرول پمپن تي من پسند ريٽ مقرر، شھري پريشان
172 views
|
24th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
پيٽرول پمپن تي منپسند ريٽ مقرر ڪري شھرين کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ لڳا
سجاول:(رپورٽر:) انڌير نگري چرٻٽ راج سجاول جي پيٽرول پمپن تي منپسند ريٽ مقرر ڪري شھرين کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ لڳا پتڻ ناڪي تي قائم حيسڪول پئٽرول پمپ ۽ چوھڙ روڊ تي قائم شيل پيٽرول پمپ تي 332.75 ريٽ مقرر آھي جڏھن ته قاسمي پيٽرول پمپ ٽوٽل پيٽرول پمپ تي 333روپيہ ريٽ مقرر ڪري شھرين کان 25 پئسا وڌيڪ اگھ ورتو وڃي پيو سجاول جي شھرين قاسمي پيٽرول پمپ جو مالڪ حاجي غني ميمڻ في ليٽر پيٽرول تان 25 پئسا اضافي وٺي شھرين جو وڏو نقصان ڪري رھيو آھي روزاني پمپ جي سيل 20 ھزار ليٽر کان مٿي آھي 20 ھزار ليٽر جي حساب سان روزانا 5 ھزار روپيا اضافي وصول ڪيا وڃن پيا مھيني ۾ ھڪ لک پنجاھ هزار روپيا ٿين ٿا جڏھن ته ماپ ۾ گھٽتائي ڪري لکين روپين جي ڪرپشن الڳ سان ڪئي ويندي آھي ضلع انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي ڪجھ ڏينهن پھرين اي سي سجاول مختيارڪار سجاول پيٽرول پمپن تي ماپ جو جائزو ورتو ھو جنھن ۾ فقط 25 ھزار ڏنڊ وڌو ويو ھو جڏھن ته پمپ مالڪ ماپ گھٽتائي ۾ روزانا 100ليٽر پيٽرول جي مدہ ۾ ڪرپشن ڪري رھيو آھي سجاول جا پمپ مالڪ شھرين کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ ۾ مصروف آھن ڪجھ ڏينهن پھرين واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ھئي پر ضلع انتظاميا واپارين اڳيان بيوس بڻيل آهي واپارين احتجاج جو چتاءُ ڏئي ضلع انتظاميه کي پنھنجو ن ناجائز ڊمانڊون پوريون ڪرائي ڇڏيون،حاجي عبدالغني ميمڻ پمپ مالڪ سان گڏ ذخيرو اندوزي ڪندڙ واپاري آھي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر صائمه فاطمه سندس گدامن تي ڇاپا ھنيا ھئا وڏي تعداد۾ ڀاڻ جو ذخيرو ھٿ ڪري سرڪاري اگھ تي وڪرو ڪرايو ھو ان وقت به اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول فاطمه صائمه احمد جي ٽوڪن ڏيڻ کان پوء ھن واپاري سرڪاري اگھ تي ڀاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ آباد گارن کان ورتل رقم واپس ڪري ڇڏيائين ھن وقت پيٽرول جي مدھ ۾ سرعام وڌيڪ ريٽ وٺي ناجائز منافع خوري ڪري رھيو آھي انتظاميا ھنن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آھي انتظاميا کي گھرجي ته ذخيره اندوزي ڪندڙن ۽ وڌيڪ اگھ وٺندڙ واپارين خلاف ايڪشن وٺي عوام کي رليف ڏيارين ۽ شھر ۾ ريٽ لسٽون جاري ڪن ته عوام ريٽ لسٽون تحت پنھنجي ضرورت واريون شيون وٺن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
sajawal
petrol pump
0 تبصرے