English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم ملير جي ڪارڪنن جو نجي ڪمپنين مان سنڌي نوجوانن کي بي دخل ڪرڻ خلاف احتجاج
30 views
|
24th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ڪيترن ئي فيڪٽرين مان سنڌي نوجوانن کي سنڌي هجڻ ڪري بيدخل ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ
ملير: جسقم ملير جي ڪارڪنن نجي ڪمپنين مان سنڌي نوجوانن کي بي دخل ڪري کين بيروزگار ڪرڻ خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نجي ڪمپنين جي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جسقم اڳواڻ مختيار سومرو، جي ايم سيال، ياسر سيال، فرحان سنڌي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته نجي ڪمپنيون ايم 2، سورتي ڪمپني، قاسم ٽيڪسٽائيل سميت ٻين ڪيترن ئي فيڪٽرين مان سنڌي نوجوانن کي سنڌي هجڻ ڪري بيدخل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته جبري طور تي سنڌي نوجوانن کان زبردستي استعيفائون پڻ ورتيون وڃن ٿيون جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت نوجوانن کي ڪمپنين مان بيدخل ڪري کين بيروزگار ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌين جي اڪثريت ڪراچي ۾ گهٽ ٿئي ۽ افغانين، بنگالين ۽ برمين کي سهولت ملي سگهي اهڙي عمل خلاف جسقم توڙي ٻيون ڪيتريون ئي قومپرست تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل آهن پر پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ بدران سنڌي ماڻهن کي بيروزگار ڪري کين وڌيڪ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هنن موجوده نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نجي ڪمپنين کي ليبر قانون موجب پابند ڪيو وڃي ته هو بنا ڪنهن رنگ و نسل جي فرق جي سنڌي نوجوانن کي بيدخل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
malir
JSQM
Bashir Khan Qureshi
0 تبصرے