English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فنانس ڊپارٽمينٽ پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ کلي ڪچهري منعقد
views
|
27th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي: ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري
شڪارپور (احسان ابڙو)فنانس ڊپارٽمينٽ پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ کلي ڪچهري منعقد سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري، تفصيل موجب فنانس ڊپارٽمينٽ پاران سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ ٻين مسئلن کي ٻڌڻ ۽ ان جي فوري حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري غلام علي سومرو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، ڊي آءِ جي ٽريزري اقبال احمد شيخ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جرنل سنڌ آغا شهريار خان، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر شڪارپور سجاد احمد شيخ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر شڪارپور ربنواز سانڊاڻو، اڪائونٽس آفيسر مظهر حسين ۽ ٻيا متعلقه عملدار پڻ موجود هئا. کليل ڪچهريءَ سان ڳالهائيندي ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري غلام علي سومرو چيو ته فنانس ڊپارٽمينٽ جي طرفان سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته خصوصن پينشنرن جا مسئلا آهن انهن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري چيو ته اڄ اسان هتي تقريبن چاليهن رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جا مسئلا ٻڌا آهن جن ۾ ايڊيوڪيشن، ايگريڪلچر، پوليس، روينيو، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين ادارن جا ملازم شامل آهن، انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ڊپٽي ڪمشنر
فنانس ڊپارٽمينٽ
کلي ڪچهري
0 تبصرے