English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سارين جي اگھھ ۾ مسلسل لاٿ جي حوالي سان آبادگارن جي اھم گڏجاڻي
125 views
|
08th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سارين جي اگھھ ۾ لاٿ، واپارين ۽ رائيس ملرز جي ھڪ ھٺي قائم ٿيڻ واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ سارين جي اگھ ۾ مسلسل لاٿ ۽ واپارين رائيس ملز وارن جي ھڪ ھٺي ۽ ھٺ ڌرمي جي روڪٿام ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء سجاول ضلعي جي آبادگارن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ھڪٻئي جا رايا ٻڌي روزانو جي بنياد تي سارين جو اگھ گهٽجڻ واري عمل کي روڪڻ ۽ مناسب اگھ ڏيارڻ ۽ ٻين مسئلن کي حل لاء اتفاق راء سان لائحه عمل جوڙيو ويو گڏجاڻي ۾ عبدالغفور پليپوٽو مقبول احمد چارڻ وڏيرو خدابخش عبدالغني ھنڱورجو پير عبدالله شاھ محمد آچار جوڻيجو سالار سميجو غلام مصطفي ڀرڳڙي حفيظ رحمان رحماني محمد خان تارڙو نثار احمد ميمڻ محمد خان ٻارڻ حاجي قادربخش لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھر فصل جي پوکائي وقت ٻج ۽ ڀاڻ جا ھٿرادا ڳاٽي ٽوڙ اگھ ۽ لاڀ وقت ھڪدم ريٽ گهٽجڻ سميت آبادگار طبقو ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو ھنن چيو ته ھن وقت ساريال جو فصل لٿو آھي ته رائس ملز اونرس ۽ وڏن واپارين ھڪدم 4500 روپيه في مڻ ھلندڙ ريٽ گهٽائي 3000 کان 3200 روپيه في مڻ اگھ ڏئي رھيا آھن جيڪو آبادگاارن سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي آھي ۽ ھاڻي اھڙي ناانصافي برداشت نه ڪنداسين آخر ۾ سڀني جي گڏيل راء سان سجاول آبادگار فورم جو بنياد رکي ضلعي سطع تي آبادگارن جي ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا پهرئين مرحلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاول سان ملاقات ڪري آبادگارن جا مسئلا پيش ڪندي اجلاس ۾ حاجي حسين ٻارڻ نديم شهزاد کٽي زاھد اصحاق سومرو ڪاشف خواجه اياز امر شيخ نواب روپائي سميت وڏي انگ ۾ آبادگارن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ ناانصافين خلاف آبادگارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھروپڻ ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
سارين
۽ واپارين
رائيس ملز
0 تبصرے