English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نصيرآباد ويجھو ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي تاريخي اسڪول مان پراڻو رڪارڊ ۽ ٻيو سامان چوري
34 views
|
06th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل چور رڪارڊ سميت ٻيو سامان بھ کڻي ويا آھن، اسڪول جي تاريخ جي ھٿ چراند ڪئي وئي آھي: ھيڊ ماستر حماد اللھ تنيو
وڳڻ (رپورٽر) ضلعي قمبر شهدادڪوٽ تعلقي نصيرآباد جي يوسي چئوديرو ۾ قائم قديمي ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي تاريخي اسڪول مان اڻڄاتل جوابدار پراڻو رڪارڊ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن. تعليم دشمن عنصرن گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي آفيس جا تالا ٽوڙي سيف ڀڃي سمورو اھم رڪارڊ جنھن ۾ 1883 کان وٺي ھلندڙ سال تائين جا چار جلد ٿيل جنرل رجسٽر۔ رزلٽ شيٽس۔ داخلا ٽوڪن سرٽيفڪيٽ۔ڊيڊ اسٽاڪ رجسٽر۔ روانگي رجسٽر۔ وزيٽرس بڪ ان وقت کان اڄ تائين سانڍيل استاد صاحبان جا مسٽرول رجسٽر ۽ ٻيو ڪيترو ئي قيمتي اثاثو شامل آھي۔جنھن ۾ انگريزن جي زماني کان وٺي پڙھندڙ ڳوٺ جي ماڻھن ۽ اڄ تائين داخل ٿيل شاگردن جو اھم رڪاڊ شامل آھي جيڪو چوري ڪيو ويو آھي. اسڪول جي هيڊ ماستر استاد حمادالله تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻئي سامان سميت تاريخي رڪارڊ جي چوري ڪرڻ وارو عمل تعليم دشمن عنصرن جي حاسد سوچ ۽ پڙھيل لکيل ماڻھن کي تڪليف ڏيڻ برابر آهي، آئون ڳوٺ جي ھر ذي شعور ۽ پڙھيل لکيل فرد کي اپيل ٿو ڪريان ھن ھيڏي وڏي ھاڃي جنھن ۾ اسان ۽ اسان جي اولاد جو مستقبل سمايل آھي ان اھم رڪاڊ جي واپسي لاء ھر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو وڃي. هن استادن جي نمائدنگي ڪندڙ تنظيم پ ٽ الف جي عهديدارن کي به گذارش ڪئي ته ھي پھريون دفعو ناھي جو اسان جي اسڪول جو نقصان ٿيو ھجي ھن کان اڳ چار مھينا پھريان اسڪول جي ڪمرن جا تالا ٽوڙي ست پکا چوري ڪيا ويا، جنھن جي اين سي وڳڻ پوليس اسٽيشن تي داخل ٿيل آھي. ان جو ازالو به ھينئر تائين نه ٿي سگھيو آھي۔ اسڪول جي هيڊ ماستر استاد حمادالله تنيو لاڳاپيل اختيارين ۽ سنڌ جي ساڃاهه وند، تعليم دوست ڌرين کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته ھن اھم معاملي ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري تاريخي رڪارڊ واپس ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
وڳڻ
ضلعي قمبر
شهدادڪوٽ
نصيرآباد
چئوديرو
ڳوٺ ٿرڙي ھاشم
تاريخي اسڪول
0 تبصرے