English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي سنڌ پاران پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچائڻ جو مطالبو
views
|
16th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڊالر ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود روزاني استعمال وارين شين ۽ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي کان عوام محروم آهي: محمد حسين محنتي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پيٽرول ۽ ڊالر جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو ٽرانسپورٽ ڀاڙن، اٽي، دال، کنڊ سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي حقيقي فائدو پهچائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊالر 335 کان 275 ۽ پيٽرول 333 کان 283 رپين تي پهچڻ کان پوءِ هٿراڌو مهانگائي، ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ڪرڻ وارن واپارين ۽ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري پرائس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال بڻايو وڃي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي ڪري اڄ هر فرد پريشان آهي، مهانگائي عالمي مسئلو واري ڳالهه کي تسليم ڪجي تڏهن به پاڪستان ۾ هٿراڌو مهانگائي ۽ پنهنجي پسند جا اگهه مقرر ڪري روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ٿو وڃي، هاڻي جڏهن ڊالر ۽ پيٽرول 50 رپين تائين گهٽ ٿي چڪو آهي ته ان جو فائدو عوام کي پهچايو وڃي، حڪومت جي ذميواري آهي ته حڪومتي رٽ کي قائم ۽ اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪري عوام کي ريليف فراهم ڪيو وڃي. روزاني استعمال وارين شين ۽ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ ڪمي نه هئڻ جي ڪري عوام حقيقي رليف کان محروم آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچائي ته جئين مهانگائي، بيروزگاري کان تنگ عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
امير جماعت اسلامي
سنڌ
ايم اين اي
محمد حسين محنتي
0 تبصرے