English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سانگهڙ ۾ قدرتي آفتن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاھي سيمينار منعقد
views
|
13th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سيمينار ۾ سرڪاري کاتن جي عملدارن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي
سانگهڙ(رپورٽر) قدرتي آفتن جو عالمي ڏهاڙو سانگهڙ ۾ غير سرڪاري تنظيم اين ڊي ايف طرفان پاٿفائينڊر انٽرنيشنل جي in سهڪار سان هڪ مقامي هوٽل ۾ ملهايو ويو جنهن ۾ سرڪاري کاتن جي عملدارن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ قدرتي آفتن جا نقصان گهٽائڻ لاءِ جامع پاليسي ترتيب ڏيڻ ۽ عوام ۾ ماحولياتي گدلاڻ بابت آگاهي ڏيڻ تي زور ڀريندي مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ختم ٿيندڙ ٻيلن کي بحال ڪرڻ سميت وڻڪاري تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي. قدرتي آفتن جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي نامور ليکڪ ۽ پروفيسر نواز ڪنڀر، ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ سانگهڙ جي فوڪل پرسن صابر حسين مهر، نويد خيال، نور منگي، عظيم رونجهو، طارق حسين چنڙ، سڪندر علي، ڊاڪٽر امجد۽ ساجدہ چيو ته گڏيل قومن طرفان 1989 ۾ قدرتي آفتن جو عالمي ڏهاڙو هر سال 13 آڪٽوبر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته جئين عوام ۾ قدرتي آفتن ۽ ماحولياتي تبديلين بابت آگاهي ڏئي سگهجي جڏهن ته ماحولياتي گدلاڻ سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان 5 نمبر تي آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ 2010، 2011 ۽ 2022 جي ٻوڏ وڏي تباهي آندي جنهن سبب سڄي صوبي جي عوام کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي هنن چيو ته بهتر انتظام نه هجڻ سبب قدرتي آفتن وڏي تباهي آندي. ادارن جي گنجائش وڌائڻ، ماحولياتي تبديلين بابت پاليسي نئي سر ترتيب ڏيڻ، پاڻي جي قدرتي وهڪرن جي بحالي سميت فنڊنگ جي مناسب استعمال سان اسان قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽائي سگهون ٿا. هنن چيو ته قدرتي آفتن سبب عورتون، ٻار، معذور ۽ پيرسن ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا جن جي وقتائتي سهائتا ڪرڻ لازمي آهي. هنن چيو ته سانگهڙ شهر سم نالن سبب هر ٻوڏ ۾ متاثر ٿئي ٿو تنهن ڪري سم نالن جي صفائي ۽ مرمت انتهائي لازمي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سانگهڙ
قدرتي آفتن
غير سرڪاري
اين ڊي ايف
NDF
0 تبصرے