English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
کورواھھ ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ھاري تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
299 views
|
15th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڦٽي ۽ سارين جي اگھھ ۾ لاٿ ھارين ۽ آبادگارن کي تباھي طرف ڌڪڻ جي سازش آھي: اشرف پليجو
کورواھ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ۽ سنڌي هاري تحريڪ کور واھ پاران سارين جو اگھ گھٽ ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو،قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو صدر پنھل سولنگي،سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻ يوسف لاشاري، وڪيو لاشاري ،قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو اڳواڻ فراز شاھ، گيانچند مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پريس ڪلب کورواھ کان شھيد فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ شاھ ڪريم، بٺورو روڊ ۽ گولاڙچي ڪڙيو گھنور روڊ بلاڪ ٿي ويا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو خطاب ڪندي چيو تہ وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھ گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن. زرعي ڀاڻ، دوائون تيل ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا تہ انهن جا هٿرادو اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، جنهنڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن. نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري فصلن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، مٿان پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل سڪي وڃن ٿا. سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪئي وئي آهي. پنھل سولنگي چيو تہ سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا تہ ھٿ وٺي انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو ڏيڻ بدران ٺيڪيدار مافيا کي نوازيو وڃي ٿو. ھاڻ ڪڻڪ جي پوکي ٿي رھي آھي، جڏھن فصل لھندو تہ ڪڻڪ جو بارداڻو آبادگارن بدران واپارين کي وڪرو ڪيو ويندو. آبادگارن کان سستي ڪڻڪ وٺي عوام کي مھانگو اٽو وڪرو ڪيو ويندو. ائين ھر فصل سان ٿئي ٿو. ڪمند، ساريون، ڦٽيون، ٽماٽو سميت ھر لھندڙ فصل جو فائدو آبادگارن بدران ڪميشن مافيا کي ڏئي سنڌ جي غريب عوام کي وڌيڪ بدحال ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. يوسف لاشاري، فراز شاھ ،گيانچند مھيشوري خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي۔ جڏھن فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا۔ آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو بہ نٿو ملي۔ ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي۔ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ بہ وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي. نقلي ٻج، نقلي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڏو ڪاروبار وڌي ويو آھي۔ رشوت جي ڪري جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔اڳواڻن چيو تہ ڪمند جي آبادگارن کي بقايائون نٿيون ڏنيون وڃن۔ ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو۔ ڦٽين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو وڃي ٿو۔ اھا زراعت جي تباھي آھي، جنھن ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ بدحالي سبب سنڌ ترقي بدران پوئتي وڃي رھي آھي۔ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
کورواھ
قومي عوامي تحريڪ
سنڌي هاري تحريڪ
پليجو
سولنگي
0 تبصرے