English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر جي عورت ملازمن جو چوڪيدار خلاف احتجاج
204 views
|
17th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عائشه پروين، نازيه، شازيه سومرو، ربيه سومرو، مهرالنساءَ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر ملازم عورتن سان اڍنگو رويو رکندڙ چوڪيدار جي خلاف ملازم عورتن ۽ مردن جو احتجاج، فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو، سجاول ۾ پاپوليشن ويلفيئر ملازم عورتن سان اڍنگو رويو رکندڙ چوڪيدار جي خلاف ڊسٽرڪت پاپوليشن سجاول جي ملازم عورتن ۽ اسٽاف عملي پاران ڊسٽرڪٽ پاپوليش ويلفيئر آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندي ملازم عورتن ۽ مردن سلمان ميمڻ، عائشه پروين، نازيه، شازيه سومرو، ربيه سومرو، مهرالنساءَ، نويد ميمڻ، ممتاز ميمڻ، اعجاز ملاح، رفيق سولنگي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر سجاول جو چوڪيدار آچار کڏائي جيڪو آفيس ۾ اسان انچارج ملازم عورتن سان بدتميزي ۽ ڪريل ٻولي استعمال ڪري ٿو۽ آفيس مان چوري به ڪرائي ٿو، اهڙي دانهن اسان ڪلرڪ طالب انڙ کي پڻ ڏني آهي جيڪو هن کي هدايت ڪرڻ بدران بيڻو پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، اسان چوڪيدار آچار کڏائي جي اهڙي اڍنگي رويي مان تنگ ٿي پيا آهيون، ان علاوه اسان جا کوڙ سارا مسئلا آهن جيڪي حل نٿا ٿين، هنن چيو ته آفيسر وهاب عباسي نهايت ئي سٺو ۽ ايماندار آفيسر آهي جيڪو اسان جي هروقت رهنمائي ڪندو آهي، هنن نگران حڪومت ۽ پاپوليشن جي اعليٰ عملدارن کي مطالبو ڪندي چيو ته عورتن سان اڍنگو رويو رکندڙ آچار کڏائي کي فورن هٽائي ۽ اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا ڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر
بدتميزي
جنسي
ھراسان
0 تبصرے