English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو گهرواري ۽ ڌيءَ سميت بااثرن خلاف احتجاج
21 views
|
24th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
بااثر گهر مان لکين روپيا چوري ڪري ويا، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: وارث
لاڙڪاڻو شهدادڪوٽ شهر جي ڊرٻ محلي جي رهواسين طرفان بااثرن ۽ اي سيڪشن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ٽيڪسي ڊرائيور اختيار علي مگسي پنهنجي زال صنم خاتون ۽ نياڻي غلام زهره سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان انتهائي غريب مسڪين آهيان، ٽيڪسي هلائي گهرڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان. هن الزام لڳايو ته ٻه مهينا اڳ مان پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي لاڙڪاڻي شهر دوا وٺڻ لاءِ آيو هيس ته پويان محلي واسي ذوالفقار بروهي ۽ الطاف بروهي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي 5 لک 30 هزار روڪ رقم ۽ 50 هزار جي ماليت جا سونا زيور چوري ڪري ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع اسان حد جي ٿاڻي تي ڏنوسين، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا، جنهن دوران چوري ۾ ملوث جوابدار ذوالفقار بروهي ۽ الطاف بروهي پنهنجي مائٽن ممتاز بروهي، عاشق، محمد علي، حسن بروهي ۽ ٻين سان گڏجي اسان مٿان حملو ڪري مون سميت منهنجي گهرواري صنم خاتون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي دانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس ۾ ڏني سين، جن اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي لکت ۾ چيو آهي ته چوري ۽ جهيڙي ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري متاثر ڌر سان انصاف ڪيو وڃي، تنهن باوجود حد جو ايس ايڇ او اختر بروهي بااثرن جي ڌر بڻيل آهي ۽ سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جڏهن ته بااثرن کي شهدادڪوٽ جي منشيات فروش محمد خان بروهي جي سپورٽ حاصل ٿيل آهي، جيڪو پڻ چورن جي پٽ ڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري بااثر اسان کي خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او اي سيڪشن اختر ابڙو کان سخت پڇاڻو ڪرڻ سان گڏ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري گهر مان چوري ٿيل رقم ۽ سون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لاڙڪاڻي
شهدادڪوٽ
0 تبصرے