English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ تعمير خلق فائونڊيشن ٺٽي پاران پوليو بابت آگاھي پيدا ڪرڻ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
views
|
24th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
پوليو جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن کي اجاگر ڪري ٿو: اڳواڻ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) تعمير خلق فائونڊيشن ٺٽي پاران پوليو جو عالمي ڏينهن جي عنوان سان سجاڳي مھم ريلي جو انعقاد ڪيو ويو جنھن ۾ ڳوٺ الللہ بچايو آمڙو پرائمري اسڪول کان ٿيندو مين چوڪ تي پھتو پوليو جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم ٿي ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو. خبر موجب:- تعمير خلق فائونڊيشن ٺٽي طرفان ضلعي انتظاميه جي تعاون سان علائقي سطح تي ٺٽي ضلعي مختلف جي ڳوٺن جنهن ۾ فقير محمد راجيڙو، شيخ سومار، گھرام خان رند، خميسو سمون ۽ الله بچايو آمڙو ۾ انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ پوليو جو عالمي ڏينهن بابت مک سجاڳي ريلي پرائمري اسڪول ڳوٺ الله بچايو آمڙو کان ٿيندي مين چوڪ تي پھتي جتي سجاڳي ريلي کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو ، زميز ميمڻ ۽ نياز شر چيو ته پوليو جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن کي اجاگر ڪري ٿو، پوليو هڪ جان ليوا مرض آهي جيڪو پوليو وائرس جي ڪري پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي خاتمي لاءِ ورلڊ هيلٿ اسيمبلي 1988ع ۾ واعدو ڪيو ۽ ڊبليو ايڇ او يورپي خطي کي 2002 ۾ پوليو کان پاڪ قرار ڏنو، اسين هر سال 24 آڪٽوبر تي پوليو جو عالمي ڏينهن ملهائيندا آھيون ته جيئن هر ٻار کي هن خطرناڪ موذي مرض کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪري سگھون ۽ ڪيترن ئي والدين، پروفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ رضاڪارن کي مڃتا ڏني وڃي جن جي مدد سان پوليو جي خاتمي کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ 2 ملڪ ريڊ لائن آھن جتي پوليو وائرس وڌيڪ متاثر ڪري سگھي ٿو انھن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان شامل آھن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اگر اسان پوليو جو خاتمو نه ڪري سگهياسين ته ايندڙ 10 سالن ۾ ھر سال 2 لک ٻار ان موذي مرض ۾ مبتلا ٿي سگھن ٿا ان لاء اھو عزم ڪيو ويو تہ پوليو کان پاڪ پاڪستان بڻايو ويندو ان موقعي تي حسن علي، انور علي، رياض علي، ھاشم علي، راجا علي، مور چند، رزاق علي، غلام رسول، ياسمين، صنم، سمرين، مائرا، سمرا سميت وڏي تعداد ۾ شھرين، والدين ۽ ٻارن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
تعمير خلق فائونڊيشن
0 تبصرے