English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون ۾ تمام گهڻا ڪم ڪرائڻ جي ضرورت آهي: ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو
69 views
|
22nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عوام لاءِ پهرين بجيٽ ۾ 76 ڪروڙ رپيا ترقياتي رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن: ٽائون چيئرمين
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ابراهيم حيدري ٽائون ملير ضلعي جو سڀ کان وڏو ٽائون آهي جتي ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ابراهيم حيدري ٽائون جي عوام لاءِ پهرين بجيٽ ۾ 76 ڪروڙ رپيا ترقياتي رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن جڏهن ته 2 ايمبولينس ۽ هڪ فائر برگيڊ گاڏي پڻ بجيٽ ۾ رکي وئي آهي هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح صحت، تعليم، پيئڻ جو پاڻي عوام تائين پهچائڻ آهي عوام کي صحت جي مفت سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ هر يوسي ۾ 2 ڊسپينسريون ۽ تعليم جي سهولت لاءِ 2 اسڪول تعمير ڪرايا پيا وڃن جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي جي سهولت لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ۽ پاڻي جون نيون لائينون وڇايون پيون وڃن ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو چيو ته محدود وسيلن باوجود عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن عوام اسان کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرايو آهي اسان جو فرض آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪيون عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ماسٽر پلان جوڙيو پيو وڃي انشاءَالله عوام جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي هلندي عوام جي خدمت جو عمل جاري رکيو ويندو هن چيو ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ابراهيم حيدري يوسي مان بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي عوام پاڪستان پيپلزپارٽي سان بي انتها محبت ڪري ٿي مرتضيٰ وهاب جي بنا مقابلي ڪاميابي پاڪستان پيپلزپارٽي جي فتح آهي جيڪا اسان لاءِ ۽ مرتضيٰ وهاب لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي هن چيو ته يوسي ابراهيم حيدري مان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ڪامياب ٿيڻ سان ابراهيم حيدري جي عوام کي وڌيڪ بنيادي سهولتون ميسر ٿينديون ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو وڌيڪ چيو ته ملير پريس ڪلب مظلوم عوام جي ترجمان آهي ملير پريس ڪلب جي صحافين هميشه حق ۽ سچ لکيو آهي صحافين پاران مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان اسان کي به ڄاڻ ملي ٿي جنهن سان عوام جا مسئلا حل ٿين ٿا صحافت ۽ سياست جو پاڻ ۾ ميلاپ آهي صحافت هڪ مقدس پيشو آهي صحافين کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي اسان جو فرض آهي ته صحافي برادري جا مسئلا حل ڪيون انشاءَالله ملير پريس ڪلب جي صحافين جا جيڪي به مسئلا پيش ڪيا ويا آهن انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو ۽ جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو پاران ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو، ٽائون ميمبرن علي گجر، نعيم عباسي، يوسف خٽڪ ۽ ٻين مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ لونگي پارائي وئي ۽ کين ملير پريس ڪلب اچڻ تي ڀليڪار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ابراهيم حيدري ٽائون
ميونسپل ڪارپوريشن
ن نذير احمد ڀٽو
چيئرمين
ڀٽو
ڊسٽرڪٽ پريس
0 تبصرے