English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڪشمير ڊي جي حوالي سان ڪارو ڏينھن ملھايو ويو، ريلي ۽ تقريب منعقد
views
|
27th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ضلعي انتظاميھ پاران ڊي سي عبدالواجد شيخ جي قيادت ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان ڊگري ڪاليج تائين ريلي ڪڍي وئي
سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملھائڻ بابت ريلي ۽ تقريب جو اھتمام ڪيو ويو, ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ”ڪارو ڏينهن“ ملهائڻ جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميہ سجاول پاران ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي قيادت ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول کان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ ڪشميري جهنڊا کڻي ڀارتي فوج جي غنڊه گردي جي خلاف ۽ ڪشميري حُريت پسندن جي حق ۾ سخت نعريبازي پڻ ڪئي. بعد ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ھڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو ته 27ـ آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جنت نظير وادي ڪشمير تي قبضو ڪري والاريل ڪشمير جي مسلمانن تي ڀارت پاران ظلم، بربريت ۽ رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو شروع ڪيو ويو جيڪو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪافي عرصي کان ڪرفيو جاري آهي جنهن سبب ڪشميري عوام جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ سمورا پاڪستاني ڪشميرين سان گڏ بيٺا آهن. هن ڀارتي فورسز طرفان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ غير انساني سلوڪ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته عالمي ادارا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو فوري نوٽيس وٺن. تقريب کي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري پيار علي خواجه، پرنسپال گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پروفيسر محمد حسن ڀٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ شاگردن ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ تقريرون ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول رضوان عالم شيخ، تعليم، صحت، پوليس، روينيو، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ عملي کان علاوه مختلف اين جي اوز جي نمائندن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
0 تبصرے