English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي
views
|
26th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عدالت صوبائي حڪومت ۽ رينجرز کان جواب طلب ڪري ورتو
ڪراچي: سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ بيگناھ ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي
عدالت ۾ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد پيش ٿي ڪري جواب جمع ڪرائيندي چيو ته واقعي جا اڳ ۾ ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
ھڪ ڳوٺاڻن جو ۽ ھڪ پوليس طرفان ايس ايس پي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعي تي وڏي وزير جي آء ٽي جوڙي آهي ان تي ڪم ھلي رھيو آهي
ايس ايس پي شھيد بينظير آباد چيو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ دھشتگردن جا اطلاع ھئا دھشتگردن جي فائرنگ سان ڳوٺاڻا قتل ٿيا
عدالت ايس ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن رينجرز ۽ پوليس پھتي ته ڇا ڳوٺاڻا اڳ تيار ھئا انتظار ۾ ھئا ۽ ڇتن تي چڙهي ويا
عدالت جو چوڻ آھي تھ درخواستگذار جي وڪيل چيو اسان کي پوليس ۽ حڪومت تي احتبار نه آهي ھاء ڪورٽ جي جج تي ٻڌل جي آء ٽي جوڙي وڃي ، ضلعي سيشن جج جي سربراھي ۾ جي آء ٽي جوڙيون ٿا،
درخواستگذار ذوالفقار جلباڻي جي وڪيل حيدر امام چيو ته بيگناھ ڳوٺاڻا قتل ٿيا آهن ايڇ آر سي پي جي رپورٽ پيش ڪيون ٿا
عدالت ٻڌڻي ايندڙ اربع تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي کان جي آء ٽي ۽ ٻين ڌرين جون رپورٽون طلب ڪري ورتيون
عدالت صوبائي حڪومت ۽ رينجرز کان جواب طلب ڪري ورتو
ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ ھاء ڪورٽ جي جسٽس نعمت اللله ڦلھپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي
عدالت ۾ درخواستگزار ذوالفقار خان جلباڻي ـ تعاماش رضوي ـ درخواستگزارن جا وڪيل حيدر امام رضوي ـ عزيز دايو ۽ ٻيا پيش ٿيا
عدالت ۾ درخواست گزار سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي خان جلباڻي جي وڪيل بيرسٽر صلاح الدين احمد حيدر امام رضوي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ھاء ڪورٽ جي جج حاضر سروس جج تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي
ذوالفقار خان جلباڻي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته واقعي بابت عدالتي ڪميشن جوڙي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي, عدالتي ڪميشن ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي حاضر سروس جج کي شامل ڪيو وڃي,
درخواست گزار چيو ته بيگناھ ڳوٺاڻن کي قتل ڪندڙ واقعي ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي
پوليس پاران واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي بدران پنهنجي مرضي سان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ايف آء آر ۾ جوابدارن جا نالا شامل ڪيا وڃن جوابدارن کي چالان ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي
سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 28 سيپٽمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڳوٺ ۾ دھشتگرد ۽ بارودي مواد جو اطلاع ڄاڻائي ڏينھن جي روشني ۾ اچانڪ چڙھائي ڪئي جنھن نتيجي ۾ چار ڄڻا ٿڏي تي شھيد ٿي ويا جڏنھن ته ٻارن ۽ عورتن سميت 12 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿي پيا ھئا،درخواست ۾ موقف
واقعي ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري غريب ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي، درخواست گزار
درخواست سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي جلباڻي ۽ ماھر ماھرقانودان رشيد اي رضوي جي پٽ تعماش پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سڪرنڊ
ماڙي جلباڻي
0 تبصرے