English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ تپيدارن ۽ آفيس عملي جو مختيارڪار خلاف سندس آڦيس آڏو احتجاج
29 views
|
01st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
آل سنڌ تپيدار يونين اڳواڻ جي عبدالمجيد ڳوراهو، نالي مٺو پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
نوشهرو فيروز (ڊر) مختيارڪار نوشهروفيروز جي هٺ ڌرمي ۽ کاتيدارن جا ڪم ڪار نه ڪرڻ خلاف آفيس عملي ۽ تپيدارن جو مختيار ڪار خلاف سندس ئي آفيس ۾ احتجاجي ڪميپ قائم ڪري ورتي احتجاج جي اڳواڻي آل سنڌ تپيدار يونين اڳواڻ عبدالمجيد ڳوراهو، تپيدار نالي مٺو پيرزادو، ملوڪ راڄپر، روينيو اپمپلائي يونين اڳواڻ غلام مرتضیٰ مشوري، بابر لاشاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي ڌرڻي تي ويٺل مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته جنهن ڏينهن کان مختيارڪار روينيو نوشهروفيروز آفيس جي چارج مختيارڪار عزيز جوڻيجو سنڀالي آهي ان ڏينهن کان آفيس جو سمورو ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو آهي جنهن سبب کاتيدار ڪم نه ٿيڻ جي صورت ۾ شڪايتون ڪرڻ سان گڏ اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي وڃن ٿا هنن چيو ته گذريل ٻن مهينن کان آفيسر جي بليڪ ميلنگ ۽ هٺ ڌرمي جي ڪري آفيس جو ڪم ڪار ٺپ آهي جيڪو عوام جي ڪمن ۾ دلچسپي ئي نه ٿو وٺي روز بهانا ڪري ڪم ٽاري ڇڏي ٿو ايتري قدر جو ڊوميسايل پي آر پي جي ڪاغذن تي به صحيح نه ٿو ڪري جنهن سبب نوجوان پريشان آھن ھنن نگران وزير اعلا سنڌ , چيف سيڪريٽري سنڌ , سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ڪمشنر شهيد بينظير آباد، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز سميت ٻين وس وارن اعلا عملدارن کان گهر ڪئي ته نااهل مختيارڪار عزيز جوڻيجو کي هٽائي اهل مختياڪار مقرر ڪرايو وڃي ته جيئن آفيس جو ڪاروهنوار هلي سگهي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
مختيارڪار
تپيدار
0 تبصرے