English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزن وفدن جون ڊي سيز ۽ ايس ايز پيز سان ملاقاتون
124 views
|
08th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري غير قانوني افغانين کي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي: اڳواڻ
حيدرآباد/ ٺٽو/ بدين/ ميرپور خاص (رپورٽرز وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي پارٽي جي مرڪزي وفدن ٻئي ڏينھن بہ مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز سان ملاقات ڪري کين غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت اياز لطيف پليجي جو پيغام ڏنو ۽ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان ڏس ۾ ٺٽي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ياسر جاکرو، بشير ﷲ سمون، ممتاز علي شيخ، شبير ڀٽي، دانش خاصخيلي، شڪيل خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري ٺٽي ضلعي ۾ غير قانوني موجود افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاء پارٽي جو پيغام پھچايو وفد ايس ايس پي کان گھر ڪئي تہ ٺٽو پوليس قانوني موقعي جو فائدو وٺي افغان پناھگيرين کي فورن نيڪالي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري جنھن تي ايس ايس پي وفد کي يقين ڏياريو تہ اسان ھن عمل کي عملي جامو پارائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. ٻئي طرف بدين ۾ قومي عوامي تحريڪ جي وفد سانول گوپانگ، رشيد گوپانگ، بچل احمداڻي حسين درس ۽ اسماعيل ملاح جي اڳواڻي ۾ ڊي سي بدين عبدالفتح ھليو ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي سان ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو تہ غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ نادرا ۽ ادارن جي مدد سان جلد آپريشن ڪيو وڃي. ڊي سي بدين ۽ ايس ايس پي بدين چيو تہ اليگل اميگرينٽس سان ڪا بہ رعايت نہ ڪئي ويندي. کين پڪڙي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو ويندو. ھوڏانھن ميرپورخاص ۾ قومي عوامي تحريڪ جي وفد سنڌي ھاري تحريڪ جي صدر انور نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، نثار ڀرڳڙي ۽ شوڪت نوحاڻي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ڊي آء جي ميرپورخاص سان ڌار ڌار ملاقات ڪري کين چيو تہ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري غير قانوني افغانين کي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي.ان موقعي تي ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ڊي سي ميرپورخاص چيو تہ اليگل اميگرينٽس کي پڪڙڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي آھي، جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
ميرپور خاص
بدين
ٺٽو/
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے