English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ پوليو مھم جي انتظامن بابت گڏجاڻي
179 views
|
14th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ پوليو مھم جي انتظامن بابت گڏجاڻي
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ڊي سي ڪامپليڪس سجاول ۾ پوليو مھم جي انتظامن بابت گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد انور ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، پي پي ايڇ آءِ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او، تعليم، صحت، پوليس، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ پوليو مهم دوران سمورا وسيلا ڪتب ۾ آڻيندي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مهم دوران مقامي اين جي اوز ۽ يوسي سيڪريٽرين کان پڻ مدد ورتي وڃي ته جيئن ڪو به ٻار ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پوليو ٽيمن جي مدد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سڄي ضلعي ۾ خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ گهر گهر پوليو ٽيمن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي ته هو سندن علائقن ۾ ايندڙ پوليو ٽيمن سان سھڪار ڪري ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارن ته جيئن کين مستقل معذوري کان بچائي سگهجي. گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عرفان مهر ٻڌايو ته مهم دوران پنجن سالن تائين عمر جي ھڪ لک 79 هزار 228 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ 4 ضلعي سپروائيزر، 5 تعلقي سپروائيزر، 41 يو سي ايم اوز، 140 ايريا انچارجز، 546 گشتي ٽيمون، 47 فڪسڊ ۽ 33 ٽرانزٽ پوائنٽس مقرر ڪيون ويون آهن تہ جيئن مھم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ
سجاول
پوليو مھم جي انتظامن بابت گڏجاڻي
0 تبصرے