English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران پوليو مھم جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪرڻ جي ھدايت
208 views
|
14th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران پوليو مھم جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪرڻ جي ھدايت
شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف چاچڙ جي صدارت ۾ اين آء ڊي ريڊينيس پوليو گڏجاڻي 27 نومبر کان 03 ڊسمبر تائين پوليو مهم ٿي رھي آھي. زيرو ڊوز 97 فيصد مڪمل ٿي چڪو آهي. مظهر ڄامڙو تفصيل موجب 27 نومبر سومر ڏينهن کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي . گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي ڊي پي سي انچارج ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو ٻڌايو ته اين آء ڊي پوليو مهم 27 نومبر کان شروع ٿيندي ، جيڪا 7 ڏينهن تي مشتمل هوندي. هن ٻڌايو ته هن دفعي 3 لک 40 هزار 1 سؤ 59 اڻھٺ ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويندا ، جنھن لاءِ 830 گشتي ٽيمون جوڙيون ويون آهن. تعلقي شڪارپور جون 15 ، خانپور 10، لکي غلام شاه 11، ڳڙهي ياسين 13 يوسيون شامل آهن ھن چيو ته مرزاپور ۾ ٽيمن سان گڏ پوليس سڪيورٽي ڏني وڃي ۽ ما ئڪرو پلان ۾ سڀ يوسيون پاس رهيون آھن. هن چيو ته مائڪرو پلان ۾ يوسي 2 ۽ ڪجھ يوسين ۾ سڪيورٽي جو مسئلو درپيش آيو آهي. وارياسو ۽ ٻانڀيهڙ يوسي جيڪا ڳڙهي ياسين جي حد ۾ آهي اتي اسان کي پوليس فورس ۽ مانيٽرنگ کي وڌائڻو پوندو. ھن چيو ته هن وقت اڃان به وڌيڪ ویڪسین اچي پئي ۽ اسان هن دفعي 97 فيصد زيرو ڊوز ٻار مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته هن دفعي اسان جون 40 ٽرانزٽ پوائنٽون آهن. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي شڪارپور يار محمد چيو ته پوري ضلعي ۾ جتي به پوليو ٽيمن کي پوليس سڪيورٽي جي ضروت پوندي ته اسين سڪيورٽي مھيا ڪنداسين. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته ايندڙ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مائڪرو پلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ اي پي آء وارا روزانه جي بنياد تي پنهنجي فيلڊ ڪم جاري رکن ۽ ٻارن کي 6 حفاظتي بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لڳائن. گڏجاڻيءَ ۾ ڊي ايچ او ڊاڪٽر پرويز سومرو ، ڊاڪٽر فيضان ، واجد علي فوڪل پرسن ۽ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ، تعليم ، انفارميشن کاتن جي عملدارن پاران شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور
پوليو مھم
اين آء ڊي ريڊينيس پوليو
0 تبصرے