English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان جي آئين موجب معلومات تائين رسائي هر شهري جو حق آهي: نديم ميمڻ
35 views
|
15th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
پاڪستان جي آئين موجب معلومات تائين رسائي هر شهري جو حق آهي: نديم ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جي آئين موجب معلومات تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي تان ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ 2016ع منظور ڪرائي چڪي آهي. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته معلومات تائين رسائي جي حق واري قانون سان معاملن ۾ شفافيت ۽ بهتري ايندي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ آفيسرن کي لاڳاپيل قانونن کان آگاهه ڪرڻ ۽ انهن قانونن تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ تربيتي سيشن منعقد ڪرڻ ۽ ان سيشن ۾ مختلف کاتن جي پبلڪ انفارميشن آفيسرن جي شرڪت هڪ مثبت عمل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات سيڪريٽري سنڌ نديم ميمڻ اڄ ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ اطلاعات تائين رسائي جي قانونن بابت منعقد ڪيل تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ورڪشاپ سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي پبلڪ انفارميشن آفيسرن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ انفارميشن ڪميشن جي چيف انفارميشن ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد علي، انفارميشن ڪمشنر ايڊووڪيٽ صائمه آغا، انفارميشن ڪمشنر شاهد عباس جتوئي، ڪراچي يونيورسٽي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نوشين وصي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪاشف علي، اڳوڻو وائيس چانسلر محمد علي جناح يونيورسٽي ڊاڪٽر محمد علي شيخ، ڊاڪٽر رضا گرديزي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نديم ميمڻ
اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ
سنڌ اسيمبلي تان ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ
0 تبصرے