English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ اھم گڏجاڻي
views
|
16th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ اھم گڏجاڻي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ بابت ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو اھم گڏجاڻي - ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي رسڪ گورننس فريم ورڪ جو ھڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يو اين ڊي پي جي ليڊ ڪنسلٽنٽ شُڪري رحمان، ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنٽس سهير خان، عمر ملڪ ۽ محمد سعد، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، سوشل ويلفيئر، آبپاشي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، صوبائي ۽ ضلعي بلڊنگز، هاءِ وي، حيسڪو، ڪوسٽل هاءِ وي، لائيو اسٽاڪ، زراعت، فشريز، لوڪل گورنمينٽ، پي پي ايڇ آءِ، مرف ۽ ٻين اين جي اوز جي نمائندن سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل کاتن جا ڪانٽينجنسي پلان جلد کان جلد جمع ڪرائين ۽ ڪنهن به امڪاني قدرتي آفت جي پيش نظر هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا سمورا انتظام مڪمل رکن. هن چيو ته قدرتي آفت اچي يا نه پر اسان کي پنهنجي سموري تياري مڪمل ڪرڻ گهرجي، سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪن ۽ مانيٽرنگ نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائين. ان موقعي تي يو اين ڊي پي جي ليڊ ڪنسلٽنٽ شڪري رحمان اجلاس کي ٻڌايو ته موسمياتي تبديلين ۽ وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ۾ قدرتي آفتن جو سبب بڻجي رهيا آهن، جن ۾ ٻوڏ، زلزلہ، طوفان، برفاني طوفان ۽ خشڪي شامل آهن. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تحت اهڙا ادارا قائم ڪيا ويا آهن جن وٽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي انتظامي صلاحيت آهي، پي ڊي ايم اي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ سرگرم ۽ منصوبابندي ڪندڙ ادارو آهي، جيڪو آفتن جي تياري، آفتن جي خطري کي گهٽائڻ ۽ تياري جي منصوبابندي ڪري ٿو ۽ پنھنجي منصوبا بندي تحت انهي ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته سڀني امدادي ڪارروائين ۾ عورتن، بزرگن، ٻارن ۽ معذور ماڻهن سميت انفراسٽرڪچر کي نقصان نه پهچائڻ جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته يو اين ڊي پي پاران فراهم ڪيل پروفارما جنهن ۾ گاڏين، اوزارن ۽ مشينري جي فهرست سميت پنھنجا ڪانٽينجنسي پلان ضلعي انتظاميه کي موڪليا وڃن ته جيئن بهتر حڪمت عملي سان قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصانن کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت
قدرتي آفتن کي
0 تبصرے