English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوام سان عشق سبب ذوالفقارعلي ڀٽو ڦاسي قبول ڪئي, نثار کهڙو
181 views
|
26th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
عوام سان عشق سبب ذوالفقارعلي ڀٽو ڦاسي قبول ڪئي, نثار کهڙو
ڪراچي (رپورٽر) سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر ڪارڪن ۽ اڳوڻي يوسي وائيس چيئرمين مولا بخش چنڊ طرفان 56هين يوم تاسيس جي تقريب رکي وئي جنهن ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو, وقار مهدي, اڳوڻي صوبائي وزير شهلا رضا, جاويد ناگوري, شاهده رحماني, آصف خان, حاڪم جسڪاڻي, محبوب عباسي, بشيرخاصخيلي, اياز گاد, رمضان رند, حميد جويو, ذوالفقار ڪانڌڙو, اعظم ڪانڌڙو, سڪينه ڪلر, پروين طارق ۽ ٻيڻ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صد نثار کهڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ۽ پاڪستان جي عوام جو پاڻ ۾ عشق هيو عوام سان عشق جي نتيجي ۾ ذوالفقارعلي ڀٽو ڦاسي قبول ڪئي, ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي بچائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاء ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان آندو ۽ ايٽم بم ٺهرائڻ شروع ڪيو, هندستان جي جيلن ۾ قيد فوجي جوانن کي پڻ آزاد ڪرائي پاڪستان وٺي آيو ۽ ان کان علاوه هندستان جي قبضي هيٺ آيل هزارين ايڪڙ زمين پڻ واپس ڪرائي ملڪ جو دنيا ۾ مان مٿاهون ڪيو, هن چيو ته پ پ جي بهادر قيادتن عوام جي مفادن خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو, محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ اچڻ کان منع ڪيو ويو , محترمه بينظير ڀٽو چيو ته مان پاڪستان هر صورت ويندس هو مون کي مارڻ چاهين ٿا پر پوء به مان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان ملڻ ويندس ۽ جڏھن محترمه بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر تي پاڪستان پهتي ته مٿس حملو ڪيو ويو, ڪارڪنن ڀڄي جان بچائڻ بجاء پنهنجي ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو جي گاڏي ڏانهن ويا ته پنهنجي ڀيڻ کي بچايون, نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچيء ۾ تمام گهڻو مضبوط ٿي رهي آھي ڪو وقت هيو جو وڏين چونڊن ۾ ڪراچي اندر اسان کي ڪو اميدوار ڪونه ملندو هو پر ايندڙ اليڪشن وڙھڻ لاء ٽڪيٽ جي اميدوارن جي ڊگهي لائن لڳل آھي. پ پ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته پ پ جي 56 سالن جي تاريخ ۾ شھادتن ۽ قربانين جي وڏي لسٽ آھي جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن ۽ قيادت جون قربانيون شامل آھن, هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو, زميدارن جون قبضو ٿيل زمينون انهن کان کسي هارين کي ڏنائين. اڳوڻي صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته ووٽ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو, شهيد محترمه بينظيرڀٽو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ذرداري جو آھي, هن چيو ته جيڪي پاڻ ۾ ناهن ٺھندا اهي اڄ ٻئي ڪنهن جي اشاري تي سڀئي گڏجي پ پ جي مقابلي ۾ اتحاد ٺاهي رهيا آھن پر پ پ کي اهڙن اتحادن مان ڪو به فرق نٿو پوي ڇو ته عوام پ پ سان گڏ آھي, هن چيو ته جيڪو علاج لاء پاڻ ٻاهر ويو هو اهو واپس اچڻ بعد چوي ٿو ته مون کي جلاوطن ڪيو ويو هو. ان موقعي تي جاويد ناگوري, شاهده رحماني, آصف خان, مولابخش چنڊ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي
چيئرمين مولا بخش چنڊ
0 تبصرے