English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ تعمير خلق فائونڊيشن پاران ٽي ماھي ڪارڪردگي رپورٽ پيش لاءِ گڏجاڻي
187 views
|
05th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ تعمير خلق فائونڊيشن پاران ٽي ماھي ڪارڪردگي رپورٽ پيش لاءِ گڏجاڻي
شڪارپور (احسان ابڙو) تعمير خلق فائونڊيشن ضلعي ٺٽي پاران ٽئي ماھي ڪارڪردگي رپورٽ پيش مقامي ھال ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي جتي تعليم کاتو، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، آر ايس يو سميت مختلف ادارن شرڪت ڪئي ٺٽي ضلعي ۾ 70 غير رسمي سينٽر ھلندڙ آھن جتي 2118 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رھيا آھن جن کي 140 ماھر تعليم استاد تعليم ڏئي رھيا آھن 70 سينٽرن جو تعليمي کاتي ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ پاران گڏيل وزٽ ڪيو ويو گڏجاڻي ۾ ملٽي ميڊيا تي رپورٽ ٺاھي پيش ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ حضوربخش خاصخيلي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ٺٽو، محمد رحيم سومرو ڊسثرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ٺٽو ، مھرين سومرو چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر ۽ عائشه جاکرو ڊپٽي ڊي اي او گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته تعمير خلق فائونڊيشن سيو دي چلڊرين جي سھڪار سان ٺٽي ضلعي ۾ 70 سينٽر ھلن پيا جتي 2118 ٻار داخل ٿيل آھن جيڪي ٺٽي ضلعي جي پسمانده علائقي ۾ ھلن ٿا ڊي اي او وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته تعمير خلق فائونڊيشن جي زير انتظام ھلندڙ سمورن سينٽرن تي سرپرائيز وزٽ ڪيا جتي 90 فيصد شاگردن جي حاضري نظر آئي اتي موجود شاگردن جي ڪارڪردگي به اطمينان جوڳي ھئي ان موقعي تي تعمير خلق فائونڊيشن ٺٽو جي پروجيڪٽ ڪوارڊينٽر نگھت سلطانه ۽ مانيٽرنگ آفيسر زاھد ابڙو ڳالهيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ تعمير خلق فائونڊيشن سيو دي چلڊرن جي سھڪار سان 70 سينٽر ھلي رھيا آھن اسان جو مقصد آھي ته ھتان جي ٻارن کي تعليم سان گڏ ھنر به مھيا ڪيون اسانجي پروجيڪٽ کي تعليم کاتو ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جو تمام بھترين سھڪار رھيو آھي جنھن جي ڪري اسين ڪاميابي طرف وکون رکون پيا ايندڙ جنوري ۾ اسين 2118 ٻارن جو امتحان وٺون پيا جنھن کي تعليم کاتو ۽ نان فارمل ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ نگراني ڪندا جنھن کانپوءِ شاگردن کي 8 درجا پاس ڪرائي نان فارمل ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ کان سرٽيفڪيٽ مھيا ڪرائي انھن جي تعليم کي اڳتي جاري رکڻ لاء ڪوششون وٺنداسين اجلاس ۾ نياز احمد ميمڻ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، محمد رحيم سومرو ڊپٽي ڊي اي او، نور محمد سرائي ڊي اي او اسپورٽس، بشارت حسين، فضل بلوچ فوڪل پرسن ايجوڪيشن، محمود ميمڻ آر ايس يو، زينب شاھين، پروين اختر، فاطمه ميمڻ، حاجن سولنگي، دين محمد بلوچ، شبانه ابڙو سميت وڏي انگ ۾ مختلف ادارن شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
تعمير خلق فائونڊيشن ضلعي ٺٽي
0 تبصرے