English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت ڇو نظر نٿي اچي: اياز لطيف پليجو
views
|
06th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت ڇو نظر نٿي اچي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت ڇو نظر نٿي اچي۔ فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي۔ ھڪ ڪروڙ اسرائيلين آڏو 40 ڪروڙ عرب خاموش آھن جن عربن جي تيل تي سڄي دنيا ھلي ٿي آھي انساني تاريخ جي بدترين دھشتگردي جو مقابلو نہ ڪري رھيا آھن. معصوم ماڻھن کي قتل ڪيو پيو وڃي۔ اسرائيل حق ۽ سچ جو آواز دٻائڻ لاء ميڊيا ھائوسز ۽ اسپتالن تي حملا ڪري رھيو آھي۔ مسلمان ملڪن مجرماڻي خاموشي نہ ٽوڙي تہ انھن جو وارو اچڻ تي اڪيلا رھجي ويندا۔ آمريڪا اسرائيلي دھشتگردي کي ھٿي ڏئي رھيو آھي۔ ھن اھڙو اظھار پريس ڪلب حيدرآباد ۾ فلسطين بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ اسرائيل ظلم، بربريت ۽ دھشتگردي جو بنياد آھي۔ اسرائيل معصوم ٻارن ۽ عورت جو قاتل آھي۔ عالمي دنيا اسرائيلي دھشتگردي آڏو خاموش تماشائي بنجي وئي آھي۔ اھو عمل اسرائيلي بربريت کان بہ وڏو ڏوھ آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيلي جنگي جارحيت کي روڪڻ لاء اقوام متحده ۽ اسلامي ملڪن کي عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ ھي وقت مذمت کان اڳتي وڌي عمل ۾ اچڻ جو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ خطرناڪ ھٿيارن جي نالي ۾ آمريڪا عراق کي ملبي جو ڍير بنائي ڇڏيو پر اتان ڪو بہ ھٿيار ھٿ نہ آيو۔ اسرائيل انھي آمريڪا جو ناجائز اولاد آھي جنھن فلسطين تي ظلم جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ الميو اھو آھي جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن بہ اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن۔ دنيا ۾ اسرائيلي ظلم خلاف وڏا وڏا احتجاج ٿي رھيا آھن۔ فلسطين جا ماڻھو پنھنجي بقا جي جنگ وڙھي آھن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
ayaz latif palijo
qaumi awami tehreek
QAT
0 تبصرے