English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان کي 7ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
30th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اسان کي 7ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي: اياز لطيف پليجو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ ثقافتي ڏهاڙو جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌي عوام پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين قومن سان محبت جو اظهار ڪري ٿي اسان کي ست ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي قوم ھميشہ پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي،سورھيہ بادشاھ ھوشو شيدي ،شھيد فاضل راھو شھيد غزالا بتول صديقي ھيمون ڪالاڻي سميت ھزارين ۽ لکين ڌرتي ڌڻين جانين جا نظرانا ڏئي پنھنجن نسلن کي بچايو آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تهذيبن جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي ثقافت آهي. علم، امن، ميرٽ، صحت، شفافيت ۽ احتساب ۾ سنڌ جي بقا آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي۔ شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي۔ ثقافتي ڏينھن ملھائي پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي ۽ ڪرپشن خلاف نئين عزم سان جھدوجھد جي ميدان ۾ لھڻ جو وچن ڪيو وڃي ڪرپشن، اقرباپروري اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي تباھ ڪيو آھي۔ قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائي رھيو آھن۔ پنھنجي ثقافت ۽ تھذيب جي بقا لاء بيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي۔ ظلم خلاف جدوجھد جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي سڄي دنيا سان گڏ هلڻ گهرجي، جي ڪڏهن اسان اڪيلو آهيون تہ اسان تباھ ٿي وينداسين. شاگردن کي مايوسي ۽ خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچڻو پوندو، فلسطين جي مظلوم ماڻهن تي سڄي دنيا ۽ مسلمان ملڪن جي بي حسي قابل مذمت آهي بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ڪا بہ يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جو پيڪيج ڏنو وڃي اسان کي چين ۽ عربن جي ترقي ۽ رواداري مان سکڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ دبئي جا جديد شهر نيوم، شرم الشيخ، بالي، استنبول ۽ لانگڪوي بہ مسلمان ملڪن ۾ آهن، سنڌ جا شاگرد تعليم تي ڌيان ڏين، ترقي جو اهو ئي هڪ طريقو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان مان آيل غير قانوني مهاجرن کي سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي.اڄ پاڪستان ۾ شاگرد ۽ نوجوان سڀ کان وڌيڪ پريشان آهن. پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون شاگردن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن: اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي سرداري، ڏوهن، ڪرپشن ۽ ويرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي ڪو بہ معاشرو رواداري ۽ رواداري کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي: اياز لطيف پليجي چيو تہ سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي پندرهن سالن کان پاڪستان کي غير يقيني واري صورتحال ۾ رکي نقصان پهچايو پيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
قومي عوامي تحريڪ
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي
سربراھ اياز لطيف پليجي
ثقافتي ڏهاڙو
cultural day
sindhi
0 تبصرے