English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
239 views
|
03rd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
نوشهروفيروز(ڊ ر) پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان سڄو ڏينهن نوشهروفيروز ۽ ان جي آس پاس جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن مان سوين رهواسين ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور موٽ ڏني ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو، ھر طرف ننڍا توڙي وڏا ،پڪا توڙي پوڙها سنڌي ثقافتي ويس پهري مٿي تي ٽوپيون پٽڪا ٻڌي ڪلهن ۾ اجرڪ وجهي سڄو ڏينھن ثقافتي رنگ وکيريندا رھيا، جڏهن ته مک تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ٿي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناميارن فنڪارن صئمان منظور، ضامن حيدر، صداقت وسطڙو ، شهباز زرداري ۽ ٻين سرن ۽ سازن سان ماڻھن کي جھومائي ڇڏيوجڏهن ته شرڪت ڪندڙن ڌرتي جي گيتن تي جهمريون پائي نچندا رهيا ۽ محفل سڄو ڏينھن جاري رھي. جڏهن ته مزاحيا فنڪارن آيل ماڻهن کي خوب کلايو ثقافتي ميڙ ۾ مختلف ڳوٺن مان پاڻ مرادو ثقافتي ريليون نڪتيون جيڪي مک تقريب پريس ڪلب وٽ پھچي ختم ٿيون جڏهن ته جسقم جي ريلي فيصل مستوئي اياز راڄپر اسد عمراڻي جي اڳواڻي ۾ نڪتي سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي جي ريلي اقبال راڄپر جي اڳواڻي ۾ ڪڍ ي وئي ايس يو پي جي ريلي آصف حسيني مهر وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جڏهن ته سماجي اڳواڻ سگا شاخ نوشهروفيروز پاران اعظم عالماڻي، جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. عوامي تحريڪ پاران ستار عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلين ۾ شامل ماڻھو گيتن تي جهمريون ھڻي رقص ڪري رھيا ھئا. انھن جو چوڻ ھو ته کين سنڌ ڌرتي سان محبت آھي جنھن ڪري ايڪتا ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي رھيا آھن. جڏهن ته ٻئي پاسي ،سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي ،جسقم ،قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي پريس ڪلب پهتا جتي ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور ملهايو ويو جيڪو سلسلو شام تائين جاري رهيو۽ آخر ۾ سمور فنڪارن آيل سنڌ جي رهواسين نوشهروفيروز پريس ڪلب جي صحافين هوجمالي تي گڏيل رڪس ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
ثقافت جي
sindhi cultural day
0 تبصرے