English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
46 views
|
03rd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
نوشهروفيروز(ڊ ر) پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان سڄو ڏينهن نوشهروفيروز ۽ ان جي آس پاس جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن مان سوين رهواسين ثقافت جي ڏينهن کي ڀرپور موٽ ڏني ۽ سڄو شھر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو، ھر طرف ننڍا توڙي وڏا ،پڪا توڙي پوڙها سنڌي ثقافتي ويس پهري مٿي تي ٽوپيون پٽڪا ٻڌي ڪلهن ۾ اجرڪ وجهي سڄو ڏينھن ثقافتي رنگ وکيريندا رھيا، جڏهن ته مک تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ٿي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناميارن فنڪارن صئمان منظور، ضامن حيدر، صداقت وسطڙو ، شهباز زرداري ۽ ٻين سرن ۽ سازن سان ماڻھن کي جھومائي ڇڏيوجڏهن ته شرڪت ڪندڙن ڌرتي جي گيتن تي جهمريون پائي نچندا رهيا ۽ محفل سڄو ڏينھن جاري رھي. جڏهن ته مزاحيا فنڪارن آيل ماڻهن کي خوب کلايو ثقافتي ميڙ ۾ مختلف ڳوٺن مان پاڻ مرادو ثقافتي ريليون نڪتيون جيڪي مک تقريب پريس ڪلب وٽ پھچي ختم ٿيون جڏهن ته جسقم جي ريلي فيصل مستوئي اياز راڄپر اسد عمراڻي جي اڳواڻي ۾ نڪتي سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي جي ريلي اقبال راڄپر جي اڳواڻي ۾ ڪڍ ي وئي ايس يو پي جي ريلي آصف حسيني مهر وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جڏهن ته سماجي اڳواڻ سگا شاخ نوشهروفيروز پاران اعظم عالماڻي، جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. عوامي تحريڪ پاران ستار عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلين ۾ شامل ماڻھو گيتن تي جهمريون ھڻي رقص ڪري رھيا ھئا. انھن جو چوڻ ھو ته کين سنڌ ڌرتي سان محبت آھي جنھن ڪري ايڪتا ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي رھيا آھن. جڏهن ته ٻئي پاسي ،سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي ،جسقم ،قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي پريس ڪلب پهتا جتي ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور ملهايو ويو جيڪو سلسلو شام تائين جاري رهيو۽ آخر ۾ سمور فنڪارن آيل سنڌ جي رهواسين نوشهروفيروز پريس ڪلب جي صحافين هوجمالي تي گڏيل رڪس ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
ثقافت جي
sindhi cultural day
0 تبصرے