English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ 25 فوجي جوان شھيد ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظھار
239 views
|
12th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ 25 فوجي جوان شھيد ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظھار
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڊيرا اسماعيل خان ۾ دھشتگردن سان مقابلي ۾ 25 جوان شھيد ٿيڻ واري واقعي تي گھري افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ دھشتگرد انسانيت جا دشمن آھن، دھشتگردن جو ڪو بہ نسل ۽ ٻولي ناھي. دھشتگرد ملڪ جا ۽ ماڻھن جا دشمن آھن. دھشتگردن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ سان اسين پنھنجي شھرن ۽ ماڻھن کي محفوظ بنائي سگھون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ جي وھڪري ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارو ڪو به منصوبو قبول ناھي. ارسا ۽ واپڊا ھميشه سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بيابان بنائڻ وارا منصوبا جوڙيا آھن. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٻين ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي ڪري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي، سنڌو درياھ کي سڪائڻ وارا منصوبا ملڪ دشمن منصوبا آھن، انڪري ملڪ دشمن، درياھ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻھن کي ھٿرادو غربت جي کوھ ۾ اڇلائي مارڻ بند ڪيو وڃي۔ سنڌ ۾ مسڪين عوام لاوارث ۽ لاچار بنيل آھي۔ مزدور، پورھيت، ھاري ۽ مسڪين عوام بنيادي انساني حقن کان محروم بنايو ويو آھي۔ نہ تعليم، نہ صحت، نہ روزگار، صاف پاڻي بہ ميسر ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سمنڊ جو پاڻي زير زمين حيدرآباد تائين پھچي ويو آھي۔ زھريلي پاڻي جي ڪري لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ڊيرا اسماعيل خان
ayaz latif palejo
dera ismail khan terrorist
0 تبصرے