English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: وزير بروھي ڳوٺ جي رھواسين جو جو سھولتن جي اڻاٺ خلاف احتجاجي مظاھرو
views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
گڏاپ: وزير بروھي ڳوٺ جي رھواسين جو جو سھولتن جي اڻاٺ خلاف احتجاجي مظاھرو
گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميه جي عدم دلچسپيءَ سبب يوسي پنج ۾ مسئلن جا انبار لڳي ويا. ھر طرف گندگي جا ڍير. سيوريج جو گندو پاڻي مين گھٽين ۽ گھرن ۾ تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو. رھواسين پاران احتجاج ۽ شڪايتن باوجود ٽائون چيئرمين لالا رحيم تڪ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ اگھور ننڊ ستل. يوسي پنج جي وزير بروهي ڳوٺ جي رھواسين امام بخش مگسي. مومن چانڊيو. مختيار چانڊيو. عبدالڪريم مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين گرائونڊ ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته مسلسل ھڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آھي پر اسان جا مسئلا حل ٿيڻ بجاء ويتر وڌندا پيا وڃن. ھنن چيو ته بلدياتي چونڊيل نمائندن اسان جي محلي ۾ ھڪ به گٽر جو ڍڪڻ ناھي رکيو. شڪايتن باوجود يوسي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ٻڌڻ لاءِ تيار ناھن. ٽائون چيئرمين لالا رحيم اليڪشن کان پھرين وڏا خواب ڏيکاري ھاڻي اسان جي ڪال کڻڻ لاء تيار ناھي. ھنن ميئر ڪراچي مرتضي وھاب ۽ پيپلز پارٽي قيادت کان مطالبو ڪيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ھٿ وٺي ٽائون جو چيئرمين پ پ جو ووٽ بيڪ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو جنھن خلاف نوٽيس وٺي يوسي پنج جا مسئلا حل ڪرايا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون
ٽائون انتظاميه جي عدم دلچسپيءَ
گندگي جا ڍير
0 تبصرے