English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ مختلف ڳوٺن جي رھواسين جو فارم ھائوس مالڪن خلاف احتجاج
59 views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۾ مختلف ڳوٺن جي رھواسين جو فارم ھائوس مالڪن خلاف احتجاج
گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي ناردرن بائي پاس گڏاپ ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ فارم هائوس ۾ ايندڙ ماڻھوشراب جي نشي ۾ ڌت ٿي رات جو هوائي فائرنگ ڪري وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ تي گانا ھلائڻ لڳا. فائرنگ سبب آس پاس جي رهواسين ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. شڪايتن باوجود گڏاپ پوليس فارم هائوس مالڪن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. يو سي 8 شاھ مريد گڏاپ ٽائون جي مختلف ڳوٺن علي محمد گبول. يوسف رند ڳوٺ. حاجي رمضان واڍيلو ڳوٺ. دريا خان سهتاڻي ڳوٺ. حاجي عرس سهتاني ڳوٺ. حاجي فيض محمد سهتاني ڳوٺ. بابو پاتاڻي ڳوٺ جي رھواسين محمد اصغر پتاڻي. حاجي بشير سهتاڻي. نواز علي مري. اقبال خاصخيلي. ياسين مري. حاجي منشي. راهب گبول. رشيد سهتاني. رجب گبول. اسلم گبول ۽ ٻين ويسٽ پريس ڪلب پهچي فارم هائوس مالڪن ۽ گڏاپ ٽائون پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فارم هائوس ۾ ايندڙ شهرين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي رات جو سڪون سان ننڊ به نٿا ڪري سگھون. رات جو روزاني اسان جي گهرن مٿان هوائي فائرنگ ڪئي پئي وڃي. پوري رات وڏي آواز ۾ گانا وڄايا وڃن ٿا، جن جي ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا سڪون سان لکي ۽ پڙھي به نٿا سگھن. هنن چيو ته اسان جي علائقن ۾ قائم ٿيل وائيٽ ولا فارم هائوس. رجهاني فارم هائوس. سر سپاٽا فارم هائوس. موج مستي فارم هائوس. ھلا گلا فارم هائوس. سن رائز فارم هائوس جي مالڪن کي به شڪايتون ڪيون آهن پر هو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن چيو ته اسان گڏاپ ٽائون ٿاڻي ۾ اهڙن فارم ھائوسن ۾ ايندڙ ماڻهن پاران فائرنگ ۽ ايڪو سائونڊ جون شڪايتون پڻ گڏاپ ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪرايون آهن پر پوليس ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن آءِ جي سنڌ. ايس ايس پي ملير. ڊي ايس پي گڏاپ ٽائون کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي فارم هائوس مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي سڪون سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ اسين مجبورن نادرن باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي باءِ پاس تي حادثي ۾ واٽهڙو فوت ٿي ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو: صنم عباس ٽالپر
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
دادو پوليس پاران صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
ڪراچي ناردرن بائي
گڏاپ ٽائون ٿاڻي جي حد
0 تبصرے