پ پ ليڊيز ونگ حيدرآباد ڊويزن جي صدر صنم عباس ٽالپر پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جو دورو، گلن جي ورکا سان آجيان
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ حيدرآباد ڊويزن جي صدر صنم عباس ٽالپر پريس ڪلب عمرڪوٽ جو دورو ڪيو، جتي سندن شاندار آجيان گلن جون پنکڙيون نڇاور ڪري ڪئي وئي، ان موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي طرفان صنم عباس ٽالپر کي حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ سان نوازيو ويو، پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صنم عباس ٽالپر چيو ته هوءَ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران منعقد ڪيل ٻئي الحاج مرحوم سيد حاجي علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ دير سان پهتي جنهن تي هوءَ معذرت خواه آهي، هن چيو ته عمرڪوٽ جهڙي پسمانده ضلعي ۾ اسپورٽس سرگرمين جو انعقاد نهايت خوش آئند آهي، ڇو ته راندين وسيلي نوجوانن کي منفي لاڙن کان پري رکڻ ۽ صحتمند معاشري جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ٿيندو آهي، هن وڌيڪَ چيو ته رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي عمرڪوٽ ۾ عورتن جي راندين جي فروغ لاءِ آواز بلند ڪري رهي آهي، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي، عورتن کي اسپورٽس جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ هر مثبت ڪوشش جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي، صنم عباس ٽالپر چيو ته هوءَ اسپورٽس سان لاڳاپيل معاملن بابت وزيراعلي سنڌ، وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير اسپورٽس سردار محمد بخش مھر، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي، جيئن عمرڪوٽ سميت پسمانده ضلعن ۾ راندين لاءِ وڌيڪَ سهولتون فراهم ڪري سگهجن، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي فنڊز بابت هڪ صحافي جي سوال تي صنم عباس ٽالپر يقين ڏياريو ته هوءَ پريس ڪلب عمرڪوٽ لاءِ گرانٽ ۽ ٻين مالي معاملن ۾ هر ممڪن سهڪار لاءِ ڪوششون ڪنديون، ان موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي چيو ته عورتن جي اسپورٽس جي فروغ ۽ نوجوانن کي مثبت ۽ صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون انتهائي ضروري آهن، هن صنم عباس ٽالپر جي آمد کي صحافين ۽ اسپورٽس سان لاڳاپيل حلقن لاءِ حوصله افزا قرار ڏنو، تقريب جي پڄاڻي تي رسول بخش رحيمداڻي طرفان صنم عباس ٽالپر، سندن ساڻ موجود ميڊيا ڪوآرڊينيٽر فهاد پالاري ۽ حسنين پالاري کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.
0 تبصرے