English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ايوان صحافت جي اليڪشن، پروگريسو پينل جا 8 اميدوار ڪامياب
160 views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ميرپورخاص ايوان صحافت جي اليڪشن، پروگريسو پينل جا 8 اميدوار ڪامياب
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ڊويزن جي مرڪزي صحافتي اداري ايوان صحافت جي سالياني اليڪشن 2024ع ۾ ايوان صحافت پروگريسو پينل جا 8 ۽ ڊيموڪريٽڪ پينل جا 3 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. صدر جي عهدي لاءِ پروگريسو پينل جو فضل شر 30 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته صدر جي عهدي لاءِ ڊيموڪريٽڪ پينل جو فلڪ شير ٽي ووٽ حاصل ڪري سگهيو، اھڙي طرح پروگريسو پينل جي سينئر نائب صدر مختيار احمد ڪيريو نائب صدر غفار رند، جنرل سيڪريٽريءَ اظھر چڍڙ،جوائنٽ سيڪريٽري غفار شر، خزانچي بابو شرف الدين لغاري. اطلاع سيڪريٽري انور بروهي، ۽ ايم ايم سي عمران راجپوت جڏهن ته پروگريسو پينل جي ايم ايم سي شهزاد صابري، زمان قائمخاني ۽ خير دين چانڊيو ڪامياب. ٻنهي پينلن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. ايوان صحافت ميرپورخاص مسلسل 4 سالن تائين 13 ڊسمبر تي شفاف چونڊون ڪرايون ۽ ان تاريخ کي سڄي ڊويزن ۾ صحافتي جمهوريت جو ڏهاڙو بڻائي ڇڏيو. ايوان صحافت جي اليڪشن انفارميشن کاتي جي ضلعي آفيسر ياسر نواز ميمڻ ۽ ايڊووڪيٽ غلام نبي مييو جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ايوان صحافت ٽنڊو جان محمد شهزاد سومرو شرڪت ڪئي. ايوان صحافت ميرپورخاص اليڪشن فيئر ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن، تعلقي آفيسن جي صدرن ۽ ميمبرن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ايوان صحافت جي منفرد ۽ واقعي شفاف جمهوري اليڪشن جو شاهد بڻيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميرپورخاص ايوان صحافت
election
سالياني اليڪشن
ميرپورخاص
ڊيموڪريٽڪ پينل
پروگريسو پينل
0 تبصرے