English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو، ھزارين ماڻھو شريڪ
92 views
|
17th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو، ھزارين ماڻھو شريڪ
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي. سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جلسو. ھزارين ماڻھن جي شرڪت. منور وساڻ کي آجياڻو. پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشه ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. عوام کي دعوت ٿو ڏيان ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ گڏ ٿي شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. منور وساڻ، تفصيل موجب ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ايندڙ اليڪشن ۾ مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ پاور شو ڏيکاريو ويو. جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جنھن ۾ علائقي واسين پاران اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ کي آجياڻو ڏنو ويو.. جڏھن ته پيپلز پارٽي جي جيالي نويد سرائيڪي پاران اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ کي پٽڪو پارايو ويو. جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منور وساڻ چيو ته آئون ھن جلسي گاھ مان اھو واضع اعلان ٿو ڪيان ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پي ايس 98 جي ٽڪيٽ جنھن به اميدوار کي ڏني ھي سمورو تيار ڪيل گلدستو آء ان اميدوار جي حوالي ڪندس ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ھي تڪ مڪمل طور تي کٽي ڏيکارينداسين. اسان ڪڏهن به عوام جي خدمت کان پوئتي ناھيون ھٽيا. اڳتي به عوام جي خدمت جاري رکنداسين. ان موقعي تي مقررن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي اپيل ٿا ڪيون ته پي ايس 98 تي منور وساڻ کي ٽڪيٽ ڏي. ڇوته منور وساڻ ھن علائقي جي ماڻھن جي مجبوري آهي. ھنن چيو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ان فيصلي جي آجيان ڪنداسين. ھنن چيو ته اسان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي اپيل ٿا ڪيون ته ھن علائقي جا ماڻهو ھميشه پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ رھيا آھن. قيادت کي گھرجي ته علائقي واسين جا بھتر نموني ڪم ڪري ۽ انھن بنيادي مسئلا حل ڪرائي. ان موقعي تي جلسي کي محرم راجپر. مير اڪبر چانڊيو. سليم وساڻ. سيف الله مغيري. شاھجان مارفاڻي. سليم شاھ. محمد يوسف ڪلھوڙو. وڏيرو محمد اسمائيل چنو. آصف چانڊيو. آغا زوھيب پٺاڻ. زاڪر ڪانڌڙو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
سچل ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي
منور وساڻ
0 تبصرے