English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جنيد شاهه ۽ مسز اسماء شاهه جي سرپرستي هيٺ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو منعقد
views
|
18th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جنيد شاهه ۽ مسز اسماء شاهه جي سرپرستي هيٺ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو منعقد
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد توفيق پهرين بال سان کيڏي ڪري اڄ صبح جناح ڪرڪيٽ گرائونڊ ناظم آباد نمبر 5 ۾ جناح ٽرافي ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪري ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مسز اسماء شاهه پڻ موجود هئي، جڏهن ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جا لاڳاپيل آفيسر ۽ نوجوان رانديگرن جو وڏو انگ موجود هو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته جناح ڪرڪيٽ ٽرافي کي نگران صوبائي وزير راندين، نوجوانن جي معاملن، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه ۽ مسز اسماء شاهه جي سرپرستي هيٺ منعقد ڪئي پئي وڃي. ٽورنامينٽ ۾ ڪل 16 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن ۾ 8 ڪلبن جون ٽيمون ۽ 8 ٽيمون ڪراچي جي مختلف ڪاليجن جا رانديگرن تي مشتمل آهن. ان موقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر محمد توفيق چيو ته صحتمند جسم هڪ صحتمند ذهن لاءِ تمام ضروري آهي ۽ رانديون اسان کي جسماني صحت برقرار رکڻ جو بهترين وسيلو فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن وارو کاتو هن ٽورنامينٽ کي منعقد ڪرڻ ۾ ڀرپور حوصلا افزائي ڪندو ۽ کاتو صوبي ۾ راندين ۽ نوجوانن جي مثبت سرگرمين لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو. هن ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي منتظمين ۽ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن کي مبارڪباد ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
sports
syed junaid shah minister
0 تبصرے