English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٻلھڙيجي واسڻ ناري کي اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍي بليڪ ميل ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف
193 views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٻلھڙيجي واسڻ ناري کي اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍي بليڪ ميل ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف
موهن جو دڙو(معشوق مشوري) ٻلهڙيجي مان پاڙي جي 2 نوجوانن طرفان 16 سالن جي ناري مُرڪ ٻگهيو جون مبينا اعترض جوڳيون تصويرون ڪڍي بليڪ ميل ڪرڻ بعد ڏيڊ لک عيوض بلوچستان وڪرو ڪري ڇڏڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ 2 سال اڳ ٻلهڙيجي مان ناري مرڪ مبينا طور اغوا ٿي وئي هئي. جنهن جي ڳولا ۽ ياد ۾ سندس امڙ نسيم خاتون ٻگهيو روئي روئي اڌ چري ٿي وئي هئي. جڏهن تہ ميڊيا ۾ لڳاتار ناري جي اغوا جون خبرون اچڻ باوجود ايئرپورٽ پوليس 2 سقلن تائين مبينا اغوا ٿيل ناري جو پتو لڳائي کيس بازياب ڪرائي نہ سگهي. جڏهن تہ ناري جي وارثن کي پوليس طرفان ناري بازياب ڪرڻ جا آسرا ڏنا ويا. ان ڏ س ۾ پراسرار طريقي سان گهر پهتل ناري مرڪ ٻگهيو ميڊيا اڳيان انڪشاف ڪيو آهي تہ 2 سال اڳ کيس کيس پاڙي جا 2 ڄڻن امداد ۽ ابرار ٻگهيو، سندس اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍي بليڪ ميل ڪيو تہ هنن سان ڪراچي هلي ٻي صورت ۾ سندس تصويرون وائرل ڪيون وينديون. جنهن تي هو بليڪ ميل ڪري 2 سال اڳ آڌي رات جو کيس گهران کڻي ڪراچي اغوا ڪيو ويو. جتي 2 ڏينهن بعد ڏيڊ لک تي وڪرو ڪيو ويو. جتي کيس زبردستي هڪ همراهہ سان شادي ڪرائي. ناري مرڪ موجب مڙس ۽ سندس گهر ڀاتي سخت تشدد ڪندا هما. والا ڇڪي لاهڻ تي سندس ڪن ڪپي پيو ۽ هو دانهون ڪري بيهوش ٿي وئي. هن چيو تہ کيس ٻانهن ۽ جسم جي ٻين حصن تي سگريٽن سان ڏنڀ بہ ڏنا ويندا هئا. هن چيو رہ ڌمڪيون ڏيندا هئا تہ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي تہ کيس جيرو پوريو ويندو. هوءَ وجهہ وٺي پهتي آهي. هڪ پيرسن ماڻهو سندس مدد ڳئي ۽ ڪرايو ڏئي لاڙڪاڻي جي گاڏي تي چاڙهو۽ گهر پهتي هي. ناري مرڪ پوليس اختيارين ۽ سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي تہ کيس اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موهن جو دڙو
ٻلهڙيجي مان پاڙي
ناري مُرڪ ٻگهيو
مرڪ مبينا طور اغوا ٿي وئ
ميڊيا ۾ لڳاتار ناري جي اغوا
روئي روئي اڌ چري ٿي وئي
Rape harassment
0 تبصرے