English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لوئر سنڌ ھندو ويلفيئر پئنچائيت 3 سالن کان اگھور ننڊ ۾ ستل آھي: ڊاڪٽر گل نانڪاڻي
69 views
|
19th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
لوئر سنڌ ھندو ويلفيئر پئنچائيت 3 سالن کان اگھور ننڊ ۾ ستل آھي: ڊاڪٽر گل نانڪاڻي
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) مشھور سماجي اڳواڻ، غريب مسڪين ماروئڙن جي سار لھندڙ ھڏڏوکي مسيحا ۽ انسان دوست ھندو پئنچائيت اڳواڻ ڊاڪٽر گل نانڪاڻي چيو آھي تہ لوئر سنڌ ھندو ويلفيئر پئنچائيت پاڪستان جيڪا گذريل 3 سالن کان اگھور ننڊ ۾ ستل آھي، گذريل 3 سالن دوران ان جي ڪابه گڏجاڻي ميٽنگ نه گھرائي وئي آھي، غريب مسڪين ۽ بيواھن جي فلاح ۽ ڀلائي جي دعوي ڪندڙ سنڌ جي 32 شھرن تي مشتمل لوئر سنڌ ھندو ويلفيئر پئنچائيت پاڪستان جي گذريل 3 سالن دوران ڪابه ڪارڪردگي ڏسڻ ۾ نه آئي آھي، ان عرصي دوران لوئر سنڌ جي جي لوھاڻا ھندو پئنچائيتن ۾ ڪافي مسئلا ۽ اوڻايون پيدا ٿيون آھن جڏھن تہ غريبن، بيواھن ۽ ضرورتمندن کي ملندڙ ماھوار پئسا به لوئر سنڌ پئنچائيت ۾ فنڊ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي گذريل 3 سالن کان بند ڪيا ويا آهن جيڪا سراسر ناانصافي آھي جڏھن تہ لوئر سنڌ ھندو ويلفيئر پئنچائيت پاڪستان جي موجوده باڊي جو مدو پورو ٿيڻ باوجود اڃان تائين ان جي نئين اليڪشن نہ ڪرائي ويئي آھي. ھن چتاءُ ڏيندي چيو تہ لوئر سنڌ ھندو ويلفيئر پئنچائيت پاڪستان جي اليڪشن 15 ڏينھن اندر ڪرائڻ ڪرائڻ توڙي لوھاڻا ھندو پئنچائيت ميرپورخاص جي پڻ اليڪشن ڪرائڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي ، ٻي صورت ۾ اسان قانوني طرح احتجاج ڪرڻ جو حق رکون ٿا. ھن چيو تہ پئنچائيت جي اليڪشن اڻ ڌري ۽ عدليا جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميرپورخاص
مشھور سماجي اڳواڻ
ھندو پئنچائيت اڳواڻ ڊاڪٽر
ڊاڪٽر گل نانڪاڻي
0 تبصرے