English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سينيٽ مان پاس ٿيندڙ قرارداد جي ڪابه حيثيت ڪونه آهي: لياقت بلوچ
161 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
سينيٽ مان پاس ٿيندڙ قرارداد جي ڪابه حيثيت ڪونه آهي: لياقت بلوچ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مرڪزي نائب امير جماعت اسلامي ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته سينيٽ مان پاس ٿيندڙ قرارداد جي ڪابه حيثيت ڪونه آهي، چونڊون نه ڪرائڻ لاءِ بار بار بهاني بازي ڪئي پئي وڃي ته جئين معاشري ۾ فڪري ڏڦيڙ ۽ طاقتورقوتون پنهنجي مرضي موجب چونڊن کي مينيج ڪري سگهن، بروقت ۽ صاف شفاف چونڊون ئي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي بحرانن سميت سڀني مسئلن جو حل آهن.جماعت اسلامي 08 فيبروري تي فري اينڊ فيئر چونڊون چاهي ٿي ان لاءِ سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آهن، سڀني سياسي پارٽين کي گڏجي چونڊون ملتوي ڪرائڻ وارين آئين ۽ جمهوريت دشمن سازشن کي ناڪام ڪرڻ گهرجي. سياسي پارٽين کي اقتدار تائين پهچڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جو سهارو وٺڻ بدران جمهوريت ۽ عوامي طاقت کي بنياد بڻائڻ گهرجي ائين ڪير به اقتدار پليٽ ۾ رکي ڪونه ڏيندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪوٺايل انتخابي اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صوبائي امير محمد حسين محنتي، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ،اطلاعات سيڪرٽري مجاهدچنا سميت ٻيا صوبائي اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير محمد حسين محنتي جي زيرصدارت انتخابي اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي ۽ انتخابي صورتحال سميت ٻين دعوتي ۽ تنظيمي مامرن تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اُميدوارن جي حتمي شڪل پڻ ڏني وئي. لياقت بلوچ جووڌيڪ چوڻ هو ته جماعت اسلامي پنهنجي منشور ۽ چونڊ نشان “ ساهمي” تي چونڊ وڙهي رهي آهي، البته سيٽ ايڊجسٽمنٽ جو آپشن کليل آهي جنهن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ئي فيصلو ڪيو ويندو. حڪمران جماعتن وٽ عوام وٽ وڃڻ لاءِ ڪوبه منشور ڪونه آهي، بار بار اقتدار جا مزا وٺڻ باوجود عوام کي ڪجهه به ڊليور نه ڪرڻ وارا هاڻي ماڻهن وٽ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ وڃي رهيا آهن. جماعت اسلامي ملڪ جي واحد سياسي ۽ ديني جماعت آهي جيڪا موروثي سياست کان پاڪ آهي جنهن وٽ هر سطح جي قيادت جي چونڊ لاءِ جمهوري طريقي سان چونڊون ٿينديون آهن. لياقت بلوچ صوبائي اڳواڻن تي زور ڀريو ته هوءَ انتخابي مُهم کي تيز ۽ وڏي پئماني تي عوامي رابطي ذريعي قوم کي ٻڌائن ته هنن سڀني پارٽين کي آزمائي ڇڏيو آهي هاڻي سڀني مسئلن جو “ حل صرف جماعت اسلامي آهي”.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
مرڪزي نائب امير
جماعت اسلامي
لياقت بلوچ
0 تبصرے