English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙَي جو ٽيجھو، واقعي جو ڪنھن بھ نوٽيس نھ ورتو
views
|
01st Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙَي جو ٽيجھو، واقعي جو ڪنھن بھ نوٽيس نھ ورتو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ قتل ٿي ويل معصوم ٻارڙي جي خون سان چار ڏينهن گذرڻ باوجود انصاف نه ٿي سگھيو. خيما بستي تي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ پوليس جي قھري ڪاروائي جو اعلي اختيارين نوٽيس نه ورتو. ٻوڏ متاثر سوين خاندان کلي آسمان هيٺ زندگيءَ گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. فوتي معصوم ٻارڙي جو ٽيجھو گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ ٿي گذريو. ٽيجھي ۾ پيپلز پارٽي اين اي 235 جي اميدوار حاڪم جسڪاڻي. يوسي ٽي صفوران ٽائون جي چيئرمين تاج محمد وساڻ. لياقت بليدي. غلام سرور ڀٽو. محمد يعقوب سولنگي ۽ ٻينوارثن سان تڏي تي پھچي تعزيت ڪري ٽيجھي جي دعا گھري افسوس جو اظھار ڪيو.ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ حاڪم جسڪاڻي. تاج محمد وساڻ چيو ته ٻوڏ متاثر خيما بستي ۾ بنا ڪنھن جواز جي ڪاروائي ڪري گھر ڊاھيا ويا آھن، متاثرن مٿان شيلنگ ۽ گوليون ھلايون ويون جنھن ۾ ھڪ معصوم ست ورھين جو ٻارڙو يونس چانڊيو شھيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿيا اسين اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسين ھميشه ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن جي مالڪي ڪئي آھي ۽ ڪندا رھنداسين. ھنن چيو ته خيما بستي ۾ ويٺل ماڻھو ھٿين خالي ويٺل ھيا. جن مٿان ايم ڊي اي دھشتگردي ڪري ھنن مسڪين ماڻھن جا گھر ڊاٿا آھن. ڌرتيءَ ڌڻين کي ڪراچي جي مختلف ڪئمپن مان اٿاري گورنمينٽ ھتي آباد ڪيو. سنڌي ماڻھن کي ھٿ وٺي ديوار سان لڳايو پيووڃي، ھڪ سازش تحت سنڌ جي دل ڪراچي مان سنڌي ماڻھن کي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. چار ڏينهن گذرڻ باوجود ھن مھل تائين سنڌ جو نگران وڏو وزير توڙي گورنر سنڌ ھنن مسڪين ماڻھن وٽ لڙي ناھن آيا. ھي ھڪ وڏو سانحو ٿيو آھي معصوم نوجوان جي قتل جي ايف آء آر ملوث ماڻھن مٿان داخل ڪري انڪوائري مقرر ڪري مسڪين ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي. معصوم ٻارڙي جي والد مير حسن چانڊيو چيو ته منھنجي پٽ کي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ پوليس فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن. جڏھن ته گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ معصوم ٻارڙي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي۔ جڏھن ته پيپلز پارٽي اين اي 235 جي اميدوار حاڪم خان جسڪاڻي وفد جي صورت ۾ ايم ڊي اي ۽ پوليس پاران چڙھائي ڪري ڊاٿل گھرن جو دورو ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
گلشن سيد ٽينٽ سٽي
معصوم ٻارڙي جي خون سان
0 تبصرے