English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گذريل سال سنڌ ۾ بدترين بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ رھيو: محمد حسين محنتي
views
|
03rd Jan 2024
•
سنڌي خبرون
گذريل سال سنڌ ۾ بدترين بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ رھيو: محمد حسين محنتي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته گذريل سال2023ع سنڌ ۾ بدامني ۽ معاشي طور بدترين رهيو، 2000 ماڻهو قتل، 4000 اغوا، جڏهن ته معصوم نياڻين سان زيادتي بعد بي دردي سان قتل جا واقعا ٿيا، امن امان جي نالي تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود عوام امن لاءِ واجهائيندو رهيو، عملي طور سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ هو، سنڌ ۾ جٽادار امن ۽ خوشحالي لاءِ عوام کي 08 فيبروري جي چونڊن ۾ اهل ۽ ديانتدار قيادت کي ڪامياب ڪرڻو پوندو. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته چونڊن ۾ دير جون ڳالهيون توهين عدالت جي مترادف آهن، بروقت صاف شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ئي ملڪ جي معاشي توڙي سياسي بحران جو حل آهن. قبيلائي جهيڙا سنڌ ۾ ناسور بڻجي ويا آهن جنهن سبب هزارين قيمتي جانيون ضايع، تعليم، ڪاروبار تباه ۽ معول جي زندگي مفلوج بڻجي ٿي. بدامني جو اهو عالم آهي جو اڄ ماڻهو شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڏينهن ڏٺي جو به محفوظ ڪونه آهن، امن سان ئي سنڌ ۾ ترقي، تعليم ۽ معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي انڪري حڪومت امن جي بحالي توڙي ڏوهن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي سنڌ
0 تبصرے