English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ بلدياتي ادارن جو پئسو اليڪشن مھم تي خرچ پئي ڪري: اياز لطيف پليجو
33 views
|
03rd Jan 2024
•
سنڌي خبرون
پ پ بلدياتي ادارن جو پئسو اليڪشن مھم تي خرچ پئي ڪري: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيپلز پارٽي بلدياتي ادارن جو پئسو اليڪشن مھم تي خرچ ڪري رھي آھي. ميئر ۽ چيئرمينن کي معطل ڪري بلدياتي ادارن جا اڪائونٽ فريز ڪيا وڃن. لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن کي پگھار کان سواء باقي بجيٽ بند ڪئي وڃي. قاسم آباد سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ يوسي چيئرمين بجيٽ کي اليڪشن لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن لوڪل گورنمينٽ ۾ آھي. ڪرپٽ يوسي سيڪريٽري، ٽائون ۽ ميونسپل آفيسر پ پ نمائندن جي بنگلن تي ويھي سرڪاري پئسا انھن جي اشارن تي خرچ ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنجڻ نه ڏنو ويندو. ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن جو صفايو ٿي ويندو. ھوڏانھن سماج سڌارڪ، استاد پروفيسر لياقت ميراڻي قاسم آباد پھچي نسيم ننگر چوڪ، علي پيلس، پڪوڙا چوڪ، وحدت ڪالوني، ڀٽائہ ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ بازارن ۾ عوام کي اياز لطيف پليجو کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. لياقت ميراڻي چيو تہ زرداري ٽولي سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا. افغاني ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي مضبوط ڪيو. سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو. ھن قاسم آباد جي عوام کي اپيل ڪئي اياز لطيف پليجو کي ووٽ ڏئي حق سچ جي آواز کي اسيمبلي جي ايوانن ۾ پھچايو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے