English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
صحافت ھڪ مقدس ۽ عظيم پيشو ھُئڻ سان گڏ رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي: محفوظ علي سومرو
181 views
|
22nd Jan 2024
•
سنڌي خبرون
صحافت ھڪ مقدس ۽ عظيم پيشو ھُئڻ سان گڏ رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي: محفوظ علي سومرو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو چيو آهي ته صحافت ھڪ مقدس ۽ عظيم پيشو ھُئڻ سان گڏ رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، مثبت صحافت عوامي فلاح، خدمت خلق ۽ معاشري جي غريب مظلوم ۽ پيسيل طبقي جو آواز بڻجڻ جو ذريعو آهي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هُن پريس ڪلب گهارو جي سال 2024 لاءِ چونڊيل نئين باڊيء جو اعلان ڪرڻ بعد ڳالهائيندي ڪيو. ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو چيو ته پريس ڪلب گهارو جي سمورن صحافين هميشه پنهنجا پيشيوراڻه فرض احسن طريقي سان انجام ڏنا آهن ۽ اميد ته آئنده به پنهنجو غيرجانبدار ڪردار بهتر نموني ادا ڪندا. هُن چيو ته مثبت صحافت ۽ خلق جي خدمت واري جذبي سان صحافي معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسان سڀني کي پنهنجي علائقي جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو ۽ اسسٽنٽ عبدالشڪور ميمڻ پريس ڪلب گهارو جي نون چونڊيل صدر ذوالفقار خاصخيلي، نائب صدر بابن آشواڻي، جنرل سيڪريٽري سيد عمران علي ۽ ٻين سمورن عهديدارن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جا تحفه پيش ڪندي مُبارڪباد پڻ ڏني. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو اسسٽنٽ عبدالشڪور ميمڻ سان گڏ گهارو پريس ڪلب پهچي نون چونڊيل صدر مختيار لاشاري، نائب صدر عبدالحمید عمراڻي ، جنرل سيڪريٽري شفيق چانڊيو ۽ ٻين کي مبارڪباد ڏني ۽ اجرڪ جا تحفه پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي محفوظ علي سومرو چيو ته صحافي برادري کي گهرجي ته هو هڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي ڊوڙ بدران پنهنجي علائقي جي پيسيل طبقي جو آواز بڻجن ۽ عوام جي بھتري لاءِ ڪليدي ڪردار ادا ڪن. بعد ۾ هُنن نيشنل پريس ڪلب گهارو جو دورو ڪري صدر عبدالقادر پنهور، نائب صدر امجد ڀٽي ، جنرل سيڪريٽري خالد عزيز جتوئي ۽ ٻين صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ صحافين جي مسئلن ۽ ٻين مختلف معاملن تي ڳالھ ٻول پڻ ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر
محفوظ علي سومرو
پريس ڪلب گهارو
gharo
0 تبصرے