English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ عام چونڊن بابت اجلاس
183 views
|
19th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ عام چونڊن بابت اجلاس
سجاول(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ سندس آفيس ۾ هڪ اهم اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايجوڪيشن ورڪس، حيسڪو، پوليس تعليم، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پولنگ اسٽيشنن ۾ بنيادي سهولتن جي موجودگي، ٽرانسپورٽ، سيڪيورٽي انتظامن، پولنگ اسٽاف جي تربيت، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٻين انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالواجد شيخ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي معاونت سمورن کاتن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري ۽ قومي فرض آهي. هن ايجوڪيشن ورڪس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سمورين پولنگ اسٽيشنن جي مرمت ۽ بحالي سميت پيئڻ جي پاڻي، بجلي، واش روم، فرنيچر، ريمپ ۽ ٻين گهربل سمورين سهولتن جي موجودگي کي ھر صورت ۾ يقيني بڻائي 25 جنوري 2024ع تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هُن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پولنگ واري ڏينهن صبح کان 48 ڪلاڪن تائين بجلي جي فراهمي کي بغير ڪنھن رنڊڪ جي يقيني بڻائين. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن، عملي ۽ اليڪشن مٽيريل جي ترسيل سميت سمورين پولنگ اسٽيشنن جي سڪيورٽي لاءِ جٽادار ڪانٽينجنسي پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ته جيئن چونڊ عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
0 تبصرے