English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر الطاف احمد چاچڙ پاران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جا دورا
views
|
29th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر الطاف احمد چاچڙ پاران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جا دورا
شڪارپور (احسان ابڙو)جنرل اليڪشن 2024 جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو دورو، تفصيل موجب : جنرل اليڪشن 2024 جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو ڊسٽرڪٽ رٽرنگ آفيسر/ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، پاڪ آرميءَ جو ميجر سڪندر ۽ پاڪ آرميءَ جا آفيسر، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان، رينجرز ڊي ايس آر شڪارپور اعظم خان، رٽرنگ آفيسر/اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور ذوهيب اوڍاڻو، اسسٽنٽ ڪمشنر/آر او لکي غلام شاهه راجا دريا خان، آر او/اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين اسدالله کوکر ۽ اليڪشن ڪمشنر شڪارپور جي نمائندي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. خانپور جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنيون جن ۾ جي پي ايس صوبدار جتوئي، جي پي ايس داروغو، عبدالحق بڊاڻي، ڪوٽ شاهو، عبدالڪريم خوش، حاجي مصري خان، ٻٻر بڊاڻي ۽ شاهه ابراهيم جو دورو ڪيو. لکي غلام شاهه جون ڳوٺ عامل، آنداڻي ۽ ڌاراڻي. ڳڙهي ياسين جون پولنگ اسٽيشنون جن ۾ گولو دڙو، جندو ڪلهوڙو، نوشهرو ابڙو، ٿرڙي اسٽاپ، نبي شاهه وڳڻ ۽ ٻين پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪيو. دوري دوران رٽرننگ آفيسر/اسسٽنٽ ڪمشنر لکي غلام شاهه، خانپور ۽ ڊي ايس پي خانپور يار محمد انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر/ڊسٽرڪٽ رٽرنگ آفيسر الطاف احمد چاچڙ سڪيورٽي انتظامن ۽ اظافي ضرورتن بابت پولنگ عمارتن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته چونڊن کي صاف ۽ شفاف نموني بڻائڻ لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ڪيو ويندو ۽ جنرل اليڪشن 2024 کي پرامن بڻايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے