English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ پ پ اميدوارن صادق علي ميمڻ، رياض شاھھ شيرازي پاران چونڊ سرگرميون تيز
128 views
|
28th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ پ پ اميدوارن صادق علي ميمڻ، رياض شاھھ شيرازي پاران چونڊ سرگرميون تيز
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) اليڪشن ويجھو ايندي ئي اميدوارن پاران پنھنجي چونڊ مھم واريون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آھن. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نامزد ٿيل اين اي 225 ٺٽو جي اميدوار صادق علي ميمڻ ۽ پي ايس 75 ٺٽو تي نامزد ٿيل پ پ پ اميدوار سيد رياض حسين شاھ شيرازي پاران پ پ پ اڳواڻن سيد محمود عالم شاھ بخاري، امتياز قريشي، عبدالحميد سومرو، ڄام احسان جوکيو، بشير جوکيو، ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، محمد علي ميراڻي، نظير ميمڻ، بخت علي جوکيو ۽ ٻين سوين ڪارڪنن سان گڏ يوسي جنگشاھي ۾ ڪاري موري پل کان ھڪ وڏي ريلي جنگشاھي ريلوي اسٽيشن تائين ڪري اتي جلسي عام منعقد ڪيو ويو، جنھن کي خطاب ڪندي پ پ پ اميدوارن سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ صادق علي ميمڻ چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشہ غريب عوام جي خدمت ڪئي آھي. اٽي، لٽي، اجھي، ۽ روزگار کي اولين ترجيح ڏيئي عوام کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون آھن، ھنن چيو تہ اسان محترمہ شھيد راني بينظير ڀٽو جو مشن کڻي نڪتا آھيون، 8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو ھڻي کين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪن، اسان واعدو ٿا ڪريون تہ ڪامياب ٿي عوام جي سمورن مسئلن حل ڪرڻ سان گڏ يوسي جنگشاھي، يوسي ڪوھستان جي سمورن ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي، بجلي، سوئي گئس، اسڪولن جي بلڊنگ جي مرمت سميت رھيل سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪنداسين. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوڻي يوسي چيئرمين بشير احمد جوکيو چيو تہ ڪوھستاني وڏي پٽي آھي، جتان جا رھواسي سمورين بنيادي سھوليتن پيئڻ جي صاف پاڻي، روزگار، صحت، تعليم، بجلي، سوئي گئس، روڊ، رستي کان محروم بڻجڻ سان گڏ ڪوھستاني زمينن تي پڻ ڌارين جون والارون توڙي قبضا برقرار آھن، جن جي حل لاء بہ ڪوششون ورتيون وڃن، جن جي حل لاء بہ پ پ پ اميدوارن پاران ڪوھستان واسين کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ويئي، ان موقعي تي آيل سمورن ماڻھن پاران پ پ پ اميدوارن جي حمايت ڪري کين ڪامياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جلسي کي ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، محمد علي ميراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
اليڪشن
پاڪستان پيپلز پارٽي
صادق علي ميمڻ
رياض شاھھ شيرازي
0 تبصرے