English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوان جتوئي ۾ اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار، ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب 3 ٻارڙا زخمي
views
|
06th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
نوان جتوئي ۾ اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار، ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب 3 ٻارڙا زخمي
نوشهرو فيروز (ڊر) گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول نوان جتوئي جي عمارت جا چاپڙ اوچتو شاگردن مٿان ڪري پيا، چاپڙ ڪرڻ سبب 3 شاگرد زخمي ٿي پيا. زخمي شاگردن ۾ فرحان، مھربان ۽ سبحان شامل آھن ۽ انھن کي مٿي ۽ ٻانھن ۾ ڌڪ رسيا. زخمي ٻارڙن کي نوان جتوئي اسپتال ۾ فرسٽ ايڊ ڏني وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ھائير سيڪنڊري اسڪول نوان جتوئي جي عمارت جي ھڪ سڄي ونگ جنھن ۾ ڇھين کان اٺين ڪلاس تائين جا شاگرد پڙھن ٿا انھي سڄي ونگ جي عمارت انتھائي زبون ٿي وئي آھي جنھن ڪري حادثا ٿيڻ معمول جو حصو بڻجي ويا. عمارت کي ڏار پئجي ويا آھن ۽ ڇتين جا چاپڙ ھر وقت ڪرندا رھن ٿا جنھن ڪري اسڪول ۾ پڙھندڙ سوين شاگردن جون زندگيون خطري ھيٺ آھن. ان سلسلي ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر ٻڌايو ته ڇھين ڪلاس جا شاگرد صبح جو پڙھي رھيا ھئا ته ڇت جا چاپڙ اوچتو مٿان ڪري پيا. اسڪول جي ھڪ ونگ انتھائي زبون آھي ۽ عمارت زبون ھجڻ ڪري اڪثر واقعا ٿيندا رھن ٿا. ھن ٻڌايو ته اسڪول جي زبون حالت بابت اعلي اختيارين کي دانھيو آھي ان باوجود به ڪوبه تدارڪ نه ٿو ٿئي. ھن چيو ته زبون حالت بڻيل اسڪول جي عمارت کي ڊاھي ٻيھر تعمير ڪرايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
0 تبصرے