English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچيءَ ۾جعلي مينڊيٽ جي چئوٻول جماعت اسلامي جي موقف کي دُرست ثابت ڪيو: محمد حسين محنتي
views
|
28th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچيءَ ۾جعلي مينڊيٽ جي چئوٻول جماعت اسلامي جي موقف کي دُرست ثابت ڪيو: محمد حسين محنتي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پ پ ۽ (ن) ليگ جو مينڊيٽ به ايم ڪيو ايم وانگر جعلي ٿو لڳي ۽ جعلي مينڊيٽ سان ٺهندڙ حڪومت گهڻو دير هلي نٿي سگهي، اهڙي حڪومت ۽ ميمبرن جا هٿ پير ٻڌي ۽ زبان بند ڪئي ويندي آهي، پوءِ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بنائي ريموٽ ذريعي هلايو ويندو آهي جنهن جا ملڪ ۽ قوم لاءِ مثبت نتيجا ڪونه نڪري سگهندا آھن ،جماعت اسلامي جي صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته متحده رابطه ڪميٽي ۾ گورنر سنڌ توڙي ٻي قيادت جا ليڪ ٿيندڙ وڊيوز جعلي مينڊيٽ جا سڀئي پول پڌرا ۽ جماعت اسلامي توڙي مخالف ڌُر جي موقف کي درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انڪري جماعت اسلامي سمجهي ٿي ته جيستائين ووٽ جو تقدس ۽ عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت چونڊڻ جو حق نه ٿو ڏنو وڃي اوستائين ملڪ ترقي سميت سياسي ۽ معاشي بحرانن مان نٿو نڪري سگهي. جمھوريت ۽ عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي فارم 45 موجب کٽيل اُميدوارن جو اعلان ڪيو وڃي. ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ جهڙي طرح من پسند اليڪشن عملو لڳائي ٺپي بازي ۽ بيلٽ باڪس ڦُري ۽ خريد ڪيا ويا انهي سڄي عمل اليڪشن کي مشڪوڪ جڏهن ته باقي رهيل ڪسر آراوز ڊي آر اوز آفيسن ۾ نتيجا تبديل ڪري پوري ڪئي وئي جنهن جي ڪري اڄ عوام جو چونڊن توڙي جمهوريت تان ويساهه کڄي ويو آهي. جيڪڏهن ان باوجود به عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت چونڊڻ ۽ ووٽ جي حفاظت نه ڪئي وئي ته پوءِ عوام ٻيو ڪو رستو چونڊڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
محمد حسين محنتي
0 تبصرے